کھڙا (ن پ ا) خيرپور جي مل ڪالوني ۾ ملڪيت تان ڀائرن ۾ ٿيل جهيڙي ۾ قتل ٿيل ناري فرزانه ناريجو جو لاش کهڙا ۾ سندس پيءُ قلندر بخش ناريجو جي گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ناري جي جنازي نماز کهڙا ۾ موسن شاهه بخاري جي گرائونڊ تي ادا ڪئي وئي، ناري کي کهڙا ڀرسان پير محمد ناريجو ۾ اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو، ٻئي پاسي مقتول ناري جي زخمي مڙس رياض ناريجو جو سول اسپتال خيرپور ۾ علاج هلندڙ آهي، هوڏانهن بي سيڪشن پوليس پاران قاتل ممتاز علي ناريجو کي گرفتار ڪرڻ لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا پر جوابدار گرفتار ناهي ٿي سگهيو. مقتول ناري جي پيءُ قلندر بخش ناريجو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس داخل ناهي ڪرايو ٽيجهي گذرڻ کان پوءِ صلاح مشوري بعد ڪيس داخل ڪرائينداسين، مقتول ناري فرزانا ناريجي جو تعزيتي تڏو کهڙا ۾ وڇايو ويو آهي جتي سندس پونئرن سان تعريت جو سلسلو جاري آهي.