حيدرآباد (بيورو رپورٽ) شهري تنظيم پاران حيدرآباد پريس ڪلب ۾ کدڙن فقيرن کي پيش ايندڙ مسئلن جي حوالي سان ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو. ورڪشاپ ۾ فقيرن سميت سياسي، سماجي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سماجي اڳواڻ روش مهتاڻي، سرور خالد، ثنا خان ۽ ٻين چيو ته کدڙا فقير به هن معاشري جو حصو ۽ ملڪ جا شهري آهن جنهن ڪري سندن بنيادي مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪري قومي سڃاڻپ ڪارڊ سميت مختلف فنڊن مان امداد طور ملندڙ وظيفا به کين فراهم ڪيا وڃن. هنن چيو ته هيستائين فقيرن جي نالن تي مختلف تنظيمن رڳو فنڊ وصول ڪيا آهن پر اڃا تائين کين ڪٿان به سندن نالن تي ورتل فنڊ يا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان ملندڙ وظيفو به ناهي ڏنو ويو. ورڪشاپ ۾ کدڙن فقيرن ٻڌايو ته وٽن قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ يونين ڪائونسل جي سطح تائين نالن جي اندراج توڙي پيدائشي سرٽيفڪيٽ به موجود آهن پر تنهن باوجود کين مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي. مقررن چيو ته جن کدڙن فقيرن اڃا تائين قومي سڃاڻپ ڪارڊ ناهن ٺهرايا اهي فوري طور ڪارڊ ٺهرائين ته جيئن پاڻ کي هو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سميت ٻين امدادي فنڊن جي پروگرامن ۾ رجسٽر ڪرائي سگهن ڇاڪاڻ ته ان عمل سان هو تعليم سميت ننڍا وڏا هنر سکي ويندا جنهن سان سندن معاشي حالت به بهتر ٿي ويندي.