ٽنڊوالهيار (ن پ ا) پ ٽ الف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري امينه قمبراڻي جي اڳواڻي ۾ ٽئين ڏينهن به لطيف گيٽ آڏو احتجاج ڪيو ويو، پ پ ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي جي نوٽيس تي بچاڻي هائوس جو وفد استادن جي ڪئمپ تي پهتو، ڳالهين بعد انصاف جي خاطري تي احتجاج ختم ڪيو ويو، ان موقعي تي امينه قمبراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بچاڻي هائوس جي وفد جي خاطري تي احتجاج ختم ڪري رهيا آهيون، مطالبا نه مڃيا ويا ته ٻيهر احتجاجي تحريڪ هلائينداسين، ان موقعي تي ايم اين اي ذوالفقار بچاڻي طرفان موڪليل وفد جي اڳواڻ فرحان پتافي ميڊيا کي ٻڌايو ته استادن جي احتجاج جو ايم اين اي ذوالفقار بچاڻي سختي سان نوٽيس وٺي اسان کي هتي موڪليو آهي اسان ڊي اي او سان ڳالهايو آهي اڱاري واري ڏينهن ٻنهين ڌرين کي ويهاري سندن مسئلا حل ڪيا ويندا.