لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل مدئجي جي ڳوٺ مڏو جي وانڍ واسي نوجوان جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي امير بخش جوڻيجو، عابد جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته پوليس رستي ويندڙن تي انڌانڌ فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ نسيم جوڻيجو ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته سندس ڀاءُ الطاف جوڻيجو زخمي ٿي پيو، هنن چيو ته واقعي بعد پوليس ڪوڙي مقابلي جو ڊرامو رچايو، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي وڃي.