ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ڪراچي جي شوقينن جي عدم دلچسپي سبب پاڪ ون ڊي سيريز جون ٽڪيٽ وڪرو نه ٿي سگهيون. تفصيل موجب  پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ جاري ون ڊي ميچن جي سيريز جون آخري 3 ميچون نيشنل اسٽيڊيم ۾ 3 -5 ۽ 7 مئي تي رٿيل آهن، جنهن لاءِ انتظاميا پاران سموريون تياريون مڪمل  ڪيون ويون آهن، ٽنهي شيڊيول ميچن جي ٽڪيٽن جا اگهه اڍائي سئو، 500، ساڍا 7 سئو ۽ هڪ هزار رپين تائين مقرر ڪيا ويا آهن، ٽڪيٽن جي خريداري لاءِ نيشنل اسٽيڊيم جي ويب سائيٽ مخصوص ڪئي وئي آهي پر اڃا تائين ٽڪيٽن جو وڪرو شروع نه ٿي سگهيو آهي جنهن سبب نيشنل اسٽيڊيم جي انتظاميا سخت پريشان آهي.