ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) ڏهرڪيءَ لڳ ڳوٺ سونو شر ۾ اپينڊڪس (آنڊي جي بيماري) وبائي صورت اختيار ڪري وئي، چئن ڏينهن اندر 100 وڌيڪ ماڻهو آنڊي جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي ويا، متاثرن ۾ عورتون مرد ۽ ٻارڙا شامل، 30 کان وڌيڪ ڳوٺاڻا آپريشن ڪرائي چڪا، ڪيترائي مريض رحيم يار خان ۽ صادق آباد اسپتال داخل، ٽائيم نيوز جي رپورٽ تي صحت کاتو گهوٽڪي جاڳي پيو. خبر موجب ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ سونو شر ۾ اپينڊڪس (آنڊي جي  بيماري) ڦهلجي ويئي، چئن ڏينهن اندر 100 کان وڌيڪ ڳوٺاڻا آنڊي جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آھن، جن ۾ جبار شر، شرف الدين، طارق علي، حسن علي، سليم، مسمات شاهده، هدان، توفيق احمد، سياڻيءَ سميت 100 کان وڌيڪ ڳوٺاڻا شامل آھن، جن مان  30 کان وڌيڪ مريض آپريشن به ڪرائي چڪا آھن ۽ ڪيترن ئي ڳوٺاڻن کي رحيم يار خان ۽ صادق آباد جي اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻي سونو شر ٻڌايو ته خبر ناهي ڪيئن هيءَ بيماري اسان جي ڳوٺ ۾ پهتي آھي، هڪ سئو کان وڌيڪ ڳوٺاڻا سخت بيمار ٿي پيا آھن. هن وقت به رحيم يار جي اسپتال ۾15 ڄڻا داخل آھن. هن ٻڌايو ته غريب ڳوٺاڻا الهه تلهه وڪڻي علاج ڪرائي رهيا آهن. صحت کاتي ڪا به سار ناهي لڌي. هن ٻڌايو ته سندن ڳوٺ سنڌ- پنجاب سرحد تي آھي، رهواسين جي اڪثريت اٻوجهه آهي. هن مطالبو ڪيو ته صحت کاتي جون ٽيمون موڪلي غريب ڳوٺاڻن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪيو وڃي. هوڏانهن ٽائيم نيوز تي اپينڊڪس مريض ڳوٺاڻن بابت خبر نشر ٿيڻ بعد صحت کاتي گهوٽڪي معاملي جو نوٽيس وٺندي بيمار ڳوٺاڻن کي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. امڪان آهي ته مريضن کي اڄ ڊي ايچ ڪيو اسپتال داخل ڪرايو ويندو.