لاڙڪاڻو: ٺيڪيدار رحمت الله ابڙو جي گرفتاري ڪيس داخل ڪرائڻ خلاف مهراڻ ٺيڪيدار ايسوسئيشن پاران مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ٺيڪيدارن سعيد جتوئي، رياض لانگاهه، جانب لاشاري، فياض بروهي، عامر کيڙو ۽ ٻين چيو ته پراونشل بلڊنگس جي ايڪسيئن آفتاب ابڙو ڏاڍ مڙسي ڪري ٺيڪيدار کي پنهنجي آفيس جي ملازمن هٿان تشدد جو نشانو بڻايو ۽ ڪيس به ان خلاف داخل ڪرايو، جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هوڏانهن آل پاڪستان ڪلارڪس ايسوسئيشن ورڪس اينڊ سروس ۽ پراونشل هاءِ ويز ڊويزن لاڙڪاڻو ۾ ٺيڪيدارن پاران انجنيئر ۽ ملازمن سان جهيڙو ڪري گارگند ڪرڻ، ڌمڪيون ڏئي هراسان ڪرڻ، ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي مبين ٻرڙو، محمد بخش ڪنڀر، يار محمد مڱڻيجو ۽ ٻين چيو ته واقعي جي مذمت ڪريون ٿا.