ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪورونا وبا سبب وڌيڪ 131 مريض حياتيون وڃائي ويٺا. جڏهن ته 4 هزار کان وڌيڪ هاڪاري ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر رفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 51 هزار 130 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل ٽيسٽن جو انگ 12.603.46 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 4 هزار 207 هاڪاري ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 890.391 ٿي ويو. سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 3 لک 03 هزار 323، پنجاب ۾ 3 لک 31 هزار 102، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 28 هزار 033، اسلام آباد ۾ 79 هزار 789، بلوچستان ۾ 24 هزار 223، آزاد ڪشمير ۾ 18 هزار 469 ۽ گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 452 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 66 هزار 282 ٿي ويو آهي. جڏهن ته ساڍا 4 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 131 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو گڏيل طور تي انگ 19 هزار 987 ٿي ويو آهي.اين سي او سي موجب ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 4 هزار 171 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 804.122 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 1248 نوان ڪيس ظاهر، 15 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 908 مريضن ڪورونا کي شڪست ڏئي صحتيابي ماڻي ورتي آهي. ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڪورونا انگن اکرن بابت پڌرائي جاري ڪندي چيو آهي ته ڪورونا سبب فوتگي واري شرح 1.6 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي. ھن چيو ته ھن وقت 20497 مريض علاج ھيٺ آھن جن مان 19610 مريض گهرن ۾ ۽ 862 مريض مختلف اسپتالن ۾ داخل آھن ۽ 25 مريض آئيسوليشن سينٽرن ۾ منتقل ڪيا ويا آھن. ھن چيو ته 826 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي، جن مان 63 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آھي. وڏي وزير چيو ته 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ 565، حيدرآباد ۾ 206، سکر ۾ 76، ڪشمور ۾ 57، دادو ۾ 39، مٽياري ۾ 35، سجاول ۾ 30، ميرپورخاص ۾ 27، شڪارپور ضلعي ۾27، نوابشاھه ۾ 23، جيڪب آباد ۾ 22، خيرپور ضلعي ۾ 21، ٽنڊو الھيار ضلعي ۾21، ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ 18، بدين ۾15، ڄامشوري ۾ 15، گھوٽڪي ۾ 12، لاڙڪاڻي ۾ 4، سانگھڙ ۾3، نوشھروفيروز ۽ عمرڪوٽ مان ھڪ ھڪ وڌيڪ ڪيس سامھون آيا آھن. ٻئي طرف حيدرآباد ۾ 24 ڪلاڪن دوران ضلعي ۾ ڪورونا وگهي 5 مريض فوت ٿيا آهن جنهن بعد فوتي مريضن جو تعداد 383 ٿي ويو آهي. هوڏانهن ڄامشورو لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 2 مريض فوت ٿي ويا، فوتي مريضن ۾ عاشق علي ۽ علي داد شامل آهن.