ڪرمپور/شڪارپور (رپورٽ: سيف الله بجاراڻي/ وحيد بروهي) ڪرمپور ڀرسان انڊس هاءِ وي تي هٿياربندن جو گاڏين تي حملو، جديد هٿيارن سان فائرنگ، 2 ڊرائيور اغوا، ڊرائيورن جو ڌرڻو، 10 ڪلاڪ روڊ بند، خبر موجب ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد لنجو لاڙو وٽ 15 کان وڌيڪ هٿياربندن ٽرڪن ۽ ٽرالرن مٿان ڇتي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ گاڏين جا ٽائر برسٽ ٿي پيا ۽ شيشا ٽٽي پيا، جڏهن ته فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ ڦهلجي ويو، فائرنگ بعد هٿياربند وزيرستان واسي ٻن ڊرائيورن نعمت الله ۽ نقيب الله پٺاڻ کي اغوا ڪري ويا، واقعي خلاف ٽرالر ڊرائيورن پاران گاڏيون بيهاري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون. احتجاج ڪندڙ ڊرائيورن دانهيندي چيو ته سڄي ملڪ ۾ سفر ڪيون ٿا پر جڏهن ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور واري علائقي ۾ پهچون ٿا ته ساهه مٺ ۾ اچي وڃي ٿو، هنن چيو ته مسافرن لاءِ هن علائقي ۾ سفر ڪرڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي، ان ڏس ۾ اي ايس پي شڪارپور ڌرڻي واري هنڌ پهچي روڊ کولرائڻ لاءِ ڊرائيورن سان ڳالهيون ڪيون پر ناڪام ٿي ويو، جنهن کان پوءِ ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ واقعي واري هنڌ پهچي مغوين جي وارثن سان ڳالهيون ڪري ٻن ڏينهن ۾ مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي جنهن کانپوءِ 10 ڪلان بعد ڌرڻو ختم ڪري روڊ کوليو ويو. هوڏانهن ڊي ايس پي غلام رسول پنهور جي اڳواڻي ۾ ناپرڪوٽ ۽ خانپور پوليس هٿياربندن جا پيرا کنيا جيڪي ڪچي ۾ درياهه جي بند تي وڃائي پوليس واپس موٽي آئي.