شڪارپور: آل شڪارپور سمال ٽريڊرس اينڊ ڪاٽيج انڊسٽريز جو اجلاس ٿي گذريو، اجلاس کي خطاب ڪندي حافظ زبير احمد ميمڻ، افضل مغل، حاجي سعيد اعواڻ ۽ ٻين چيو ته شڪارپور ۾ امن امان جي صورتحال انتھائي خراب آھي، اغوائن ۽ ڌاڙن جو وارداتون وڌي ويون آهن، جنهن ڪري عوام انتھائي پريشاني جو شڪار آھي. هنن مطالبو ڪيو ته بدامني کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.