لاڙڪاڻو: پي ٽي آءِ ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر ميع الله ابڙو، جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ عبدالرئوف ڪورائي ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هڪ سياسي پارٽي سنڌ اندر پنهنجا ايس ايس پيز مقرر پئي ڪرائي، جڏهن ته ڪجھه وقت اڳ پي ٽي آءِ لاڙڪاڻي جي سينيٽر سيف الله ابڙو جي قيادت ۾ لاڙڪاڻي اندر تنظيم سازي شروع ڪئي ته ان ڏينهن کان وٺي پ پ وارا سينيٽر جي پويان پئجي ويا آهن. هنن چيو ته فريال ٽالپر ۽ نثار احمد کهڙي جي چوڻ تي پوليس رحمت الله ابڙو کي ٿاڻي تي گهرائي کيس گرفتار ڪري اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي، هنن چيو ته ايندڙ ھفتي ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ۽ ايس پي هيڊ ڪوارٽر کي هٽائڻ لاءِ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.