ڌاڙيلن جا لاش دفنائي ڇڏيا، وارث چاهين ته قبر ڪشائي ڪري کڻي وڃن: امجد شيخ

0
251

ڌاڙيلن جا لاش دفنائي ڇڏيا

ڪنڌڪوٽ (ن پ ا) ايس ايس پي ڪشمورايٽ ڪنڌڪوٽ امجد شيخ ڌاڙيلن جا لاش وارثن  کي نه ملڻ واري سوشل ميڊيا تي هلندڙ بحث ۽ ڌاڙيلن جي وارثن پاران لاش نه ملڻ واري دانهن تي پنهنجو رد عمل ڏئي ڇڏيو

ايس ايس پي امجد شيخ چيو آهي ته ڪجه ڏينهن تائين انتظار ڪيو هو، لاش وصول ڪرڻ لاءِ ڪوبه نه پهتو، جنهن بعد لاشن کي غسل ڏيڻ ۽ جنازه نماز ادا ڪرڻ بعد دفنايا ويا آهن

ايس ايس پي امجد شيخ جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن وارث لاش پاڻ وٽ دفنائڻ چاهين ٿا ته قبرڪشائي ڪري لاش ڀلي کڻي وڃن

ھي به پڙھندا

ڪنڌڪوٽ: ڌاڙيلن جا لاش ڏيو، وارثن پاران پاڪ ڪتاب کڻي دانهون