سنڌ ۽ قبائلي علائقن ۾ تمام گهڻي غربت آهي: وزيراعظم

0
256
سنڌ ۽ قبائلي علائقن ۾

ڪراچي(م ڊ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته اُهو وقت به ايندو جڏهن سڄي دنيا مان ماڻهو روزگار لاءِ پاڪستان ايندا، ملڪ مان غربت ختم ڪرڻ اسان جو مشن آهي ۽ حڪومت مدو پورو ٿيڻ کان اڳ پنهنجو مشن پورو ڪري وٺندي

اسڪردو ۾ جلسي کي خطاب دوران وزير اعظم چيو ته سنڌ ۽ قبائلي علائقن ۾ غربت آهي، معاشي ناانصافي سبب امير ويتر امير ۽ غريب وڌيڪ غريب ٿي رهيو آهي

هن چيو ته اسڪردو واسي پنهنجي زمين جي مالڪي ڪن، ائين نه ٿئي جو پرڏيهه مان آيل ماڻهو زمين خريد ڪري وڃن

وزير اعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته حڪومت غريبن کي رليف ڏيڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي رهي آهي، رليف راشن پروگرام تحت عوام کي رليف ڏئي رهيا آهيو

هن چيو ته هتي جي ماڻهن کي نوڪرين لاءِ پري نه وڃو پوندو، ٻاهر جا ماڻهو وڌيڪ پئسا ڏئي زمينون خريد ڪندا

ھي به پڙھندا

وقت ثابت ڪيو ته دهشتگردي جو ڪو به مذهب ۽ قوم ناهي هوندي: وزيراعظم