ڌاٻيجي (ن پ ا) ڌاٻيجي ۾ مين نيشنل هاءِ وي تي سوزوڪي ۽ ڊمپر ۾ خوفناڪ ٽڪر، مڪلي واسي نوجوان فوت ٿي ويو، وڌيڪ هڪ ڄڻو شديد زخمي. خبر موجب گذريل ڏينهن صبح فجر مهل بجري ڀري رانگ سائيڊ تان ويندڙ تيز رفتار ڊمپر ۽ ڪراچي کان ايندڙ سوزوڪي وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ مڪلي اسي نوجوان ممتاز ولد غلام علي جاکرو موقعي تي فوت ٿي ويو. جڏھن ته آصف ولد علي شير بروھي سخت زخمي ٿي پيو، زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏھن ته ڌاٻيجي پوليس ڊمپر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڪري وڌيڪ جانچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ڊرائيور اونداهيءَ جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويو. فوتي نوجوان کي گھارو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ياد رهي ته گھگهر کان ٺٽي تائين تعمير ٿيل روڊ جا سمورا يوٽرن بند ڪرڻ سبب ۽ رانگ سائيڊ تي گاڏين جي رش هئڻ جي ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل آهن.