نوابشاهه (رپورٽ: اياز ڏاهري) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر اسپورٽس پاران نوڪري لاءِ 11 لک رپيا وٺڻ وارو معاملو، پئسا وٺندڙ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي اسپورٽس جو ڊپٽي ڊائريڪٽر بدر ميمڻ ضمانت لاءِ عدالت پهتو، فورٿ ايڊيشنل جي عدالت مانت رد ڪري ڇڏي، بدر ميمڻ کي فريادي پاران عدالت مان کنڀڻ جي ڪوشش، بدر ميمڻ جي وڪيل خالد سرھيو روزاني پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيوته ته منھنجي ڪلائينٽ بدر ميمڻ کي عدالت اندر ئي دھشت ڦھلائي فريادي ديدار دائودي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڳلي مان ورتائين ۽ زبردستي عدالت مان اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنچ اٺ گاڏيون ڪارن شيشن سان بيٺيون ھيون. ٻئي پاسي ڍپٽي ڊاريڪٽر بدر ميمڻ ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ عدالت ۾ فريادي جي ڊپ کان سخت پريشان ھو ۽ ان کان ڀڄندو رھيو، ٻئي پاسي بدر ميمڻ پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻه سال پهرين جهانگير ڀٽي مونکي عنايت عرف فياض پيرزادو ۽ سندس ڀاءُ واجد پيرزادو کان ڇهن مهينن لاءِ 3 لک وياج تي کڻائي ڏنا، جنهن جو مان 17000 مهينو وياج ڏيندو هئس، 6 مهينا گذرڻ کان پوءِ هنن چيو ته مونکي سڄي پيمنٽ هڪ جاءِ تي واپس ڪريو، جيڪي مون وٽ نه هئا، جنهن کان پوءِ مون ڪورٽ مان پروٽيڪشن ورتي ۽ عنايت ۽ واجد منهنجي جان ڇڏي ويا، جهانگير ڀٽي ۽ ديدار دائودي مون وٽ آيا، ديدار دائودي مونکي چيو ته 5 لک جو چيڪ ڏي عنايت ۽ واجد سان مان منهن ڪندس، جنهن کانپوءِ مون هن کي هڪ 5 لک ۽ ٻيو 6 لک جو چيڪ ڏنو، هاڻي هو سڀ چيڪ کڻي چوي ٿو ته مان ان کان نوڪري لاءِ پيسا ورتا آهن، جيڪو سراسر ڪوڙ آهي، هن وڌيڪ چيو ته عنايت، واجد، ديدار ۽ جهانگير موتمار ڌمڪيون ڏين ٿا، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته وياج خورن خلاف ڪاروائي ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ مونکي تحفظ ڏنو وڃي.