کپرو(ن پ ا) کپرو لڳ ڳوٺ اڪبر شر ۾ چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب ڪکائن گهرن کي باهه وڪوڙي وئي. باهه سبب هيرو، نرسينگ، ٽيڪم، نارو ۽ پونيو سميت 6 پورهيتن جا گهر سڙي رک ٿي ويا. جڏهن ته 3 ٻڪريون، گھرن ۾ پيل اناج، نياڻين جي ڏاج سميت الهه تلهه سڙي خاڪ بڻجي ويو. باهه لڳڻ سبب 15 مهينن جو معصوم نينگر اشوڪ ولد نارو ڪولهي سڙي سخت زخمي ٿي پيو. زخمي ٻارڙي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقي اسپتال کپرو منتقل ڪيو ويو. جتان ڊاڪٽرن کيس حيدر آباد منتقل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته باهه مثاثر کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھن.