ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ڏکڻ جي سيشن ڪورٽ سنڌ جي 27 شگر ملز کان اربين رپين جي کنڊ خريد ڪري هٿرادو طور مهانگي ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ٿيل بروڪر سنتوش ڪمار، راج ڪمار، چوني لال، پون ڪمار، جوتي پرڪاش، راجيش سميت 14 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت جوابدارن کي ٻه ٻه لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي، ڪالهه ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن خلاف جاچ هلندڙ آهي، جوابدارن جي بينڪ اڪائونٽس جي جاچ ٿي رهي آهي. جاچ آفيسر موجب جوابدارن خلاف مني لانڊنگ ۽ جعلي اڪائونٽس بابت به جاچ ڪري رهيا آهيون، ان موقعي تي جوابدارن جي وڪيل ايڊووڪيٽ ملڪ الطاف عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس ۾ شامل سيڪشن (قلم) ضمانت جوڳا آهن، ايف آءِ اي جاچ مڪمل ئي ناهي ڪئي ، اهڙي صورت ۾ جوابدارن کي گرفتار ڇو ڪيو ويو آهي؟ جڏهن ته جوابدار ايف آءِ اي سان جاچ ۾ تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهن، تنهن ڪري عدالت کي گذارش آهي ته جوابدارن جي ضمانت منظور ڪئي وڃي.