ڊجيٽل آدمشماري خلاف سنڌ ۾ شٽربند هڙتال، ريليون ۽ مظاهرا

0
322
ڊجيٽل آدمشماري خلاف سنڌ ۾ شٽربند هڙتال، ريليون ۽ مظاهرا
ڊجيٽل آدمشماري خلاف سنڌ ۾ شٽربند هڙتال، ريليون ۽ مظاهرا

ڪراچي (نمائندن وٽان) ڊجيٽل آدمشماري خلاف سنڌ ۾ شٽربند هڙتال ڪئي پئي وڃي، ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا

ڊجيٽل آدمشماري خلاف جيئي سنڌ  محاذ جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شٽربند هڙتال جاري آهي، ريليون، مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا آهن

 حيدرآباد، ڄامشورو، لاڙڪاڻو،  شهدادڪوٽ، ميرپورماٿيلو،گهوٽڪي،  نوابشاهه،گمبٽ ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون

سڪرنڊ ڀٽ شاهه، سجاول، سن،  گمبٽ، وارهه، باڊهه ميروخان ۽  ٻين شهرين ۾ به ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا

دولتپورصفن، ٽنڊوآدم، نصيرآباد، ميرپورساڪرو، چوهڙ جمالي، گهارو،  ڪنڊيارو ۽ ٺٽو ۾ به مظاهرا ڪيا پيا وڃن

تلهار، قاضي احمد، ڪڙيو گهنور، ڪوٽڏيجي، ٺل، راڻيپور، مورو ۽  ٻين شهرن ۾ شٽربند هڙتال ۽ ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڊجيٽل آدمشماري سبب سنڌي  اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا، آدمشماري جا نتيجا ڪنهن به صورت قبول نه ڪيا ويندا

ڊجيٽل آدمشماري سنڌ سان فراڊ آهي، جنهن  ۾ صرف ڪراچي شهر ۾ 40 لک کان مٿي افغاني ڳڻيا ويا آهن، سموري سنڌ ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪري ڇڏيو آهي