خيرپور ۾ پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج

0
392
خيرپور ۾ پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج
خيرپور ۾ پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج

خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي محمد ابراهيم لاکو ۽ مسمات جميلان لاکو مائٽن ۽ پوليس زيادتين خلاف احتجاج ڪندي انصاف ۽ تحفظ جي گهر ڪئي آهي

 محمد ابراهيم لاکو جو چوڻ آهي ته اسان پاڻ ۾ سئوٽ آهيون هڪٻئي جي رضا خوشيءَ سان شادي ڪئي آهي پر ناريءَ جو ڀاءُ علي گوهر لاکو ۽ شاهنواز، امير، رحيم بخش، محمد بخش، وزير ۽ ٻيا اسان جي جانين جا دشمن بڻجي ويا آهن

هن چيو ته ناري جي ڀاءُ محمد ابراهيم جي ڀائرن ۽ ڀائٽين اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي پوليس ڪيس داخل ٿيڻ بعد محمد صالح ۽ منظور لاکو کي گرفتار ڪري ورتو آهي

هن چيو ته علي گوهر ڦلپوٽو ڀريا ٿاڻي جي اي ايس آءِ عبدالغفور کي اسان کي مارڻ جو ٽاسڪ ڏيندي 10 لک رپيا انعام جي لالچ ڏني آهي جيڪو اسان جي گهر مان ڦرلٽ ڪرڻ بعد گھر ٻاهران ديرو ڄمائي ويهي رهيو آهي

محمد ابراهيم چيو ته علي گوهر لاکو ناري مسمات جميلان جي 60 ورهين رحيم بخش لاکو سان ڪوڙو نڪاح نامو ٺهرائي ورتو آهي، ڀريا پوليس ۽ ناري جا وارث اسان کي مارڻ لاءِ ڳولي رهيا آهن آهن جنهن ڪري دربدر ٿي ويا آهيون

ناري جو چوڻ هو ته محمد ابراهيم لاکو سان پسند جي شادي ڪئي آهي، مائٽ مارڻ چاهين ٿا، زندگين کي خطرو آهي، هنن اعليٰ عدالتن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ ڪوڙو ڪيس خارج ڪيو وڃي