سمرت ڪمار جي بازيابي لاءِ مظاهرا، تيغو خان تيغاڻي جو وڏو اعلان

0
217

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سمرت ڪمار جي  بازيابي لاءِ مظاهرا، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معصوم سمرت  ڪمار جي  بازيابي لاءِ سياسي، سماجي ڌرين ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، تنگواڻي، پنوعاقل، شهداڪوٽ، قمبر ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاج ڪيو ويو

اڳاوڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ اغوا ۽ ڦرون روز جو معمول بڻيل  آهن،هفتو گذرڻ باوجود سمرت ڪمار بازياب ناهي ٿي سگهيو

سنڌ ۾ بدامني وڌي وئي آهي، معصوم ٻارڙن کي هاڻ اغوا ڪيو پيو وڃي، نينگر کي بازياب ڪرائي وارثن ۾ پکڙيل بيچيني ختم  ڪئي وڃي،

جڏهن ته ڪنڌڪوٽ ۾ اغوا ٿيل معصوم ٻارڙي ثمرت ڪمار جي بازيابي لاءِ ٽئين ڏينهن به بک هڙتالي ڪئمپ جاري آهي

سردار تيغو خان تيغاڻي احتجاجي ڪئمپ تي پهچي ويو، معصوم ٻار جي اغوا تي وارثن سان ڳالهيون ۽ احتجاج تي حمايت جو اظهار

سردار تيغو خان تيغاڻي جو چوڻ آهي ته سمرت ڪمار جي وارثن سان ۽ سنڌ جي مظلوم عوام سان گڏ آهيان، ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ فوجي آپريشن ڪيو وڃي

سردار تيغو خان تيغاڻي جو چوڻ هو ته مان ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف پنهنجا ماڻهو موڪلي آپريشن ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، اڳ به چيو هو ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪيو وڃي، چونڊيل نمائندا ڌاڙيلن سان مليل آهن

 مظاهرين جو چوڻ آهي ته ثمرت ڪمار سميت ٻين مغوين جي بازيابي تائين احتجاج جاري رهندو

هي به پڙهندا

ڊجيٽل آدمشماري خلاف سنڌ ۾ شٽربند هڙتال، ريليون ۽ مظاهرا