لاڙڪاڻو: شهيد بينظير ڀٽو ڊاڪٽر بلقيس ملڪ کي ماءُ وانگر سمجهندي هئي، ڊاڪٽر بلقيس ملڪ پنهنجي زندگي سنڌ جي غريبن لاءِ ارپي ڇڏي، هن سموري زندگي شادي نه ڪئي ۽ نه ئي وري واپس مائٽن ڏانهن وئي، ڊاڪٽر بلقيس ملڪ هزارين ليڊي ڊاڪٽرس جي رهبر ۽ استاد رهي، سندس  هزارين ڊاڪٽر شاگرد دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل آھن، سرڪاري نوڪري تان رٽائرڊ ٿيڻ بعد هن پنهنجي پورهئي جي ڪمائي مان لاڙڪاڻي ۾ هڪ پلاٽ وٺي اتي هڪ خيراتي اسپتال ٺھرائي.