ڊالر سستو: سون جي اگهه ۾ اوچتو 8 هزار روپين جي رڪارڊ لاٿ

0
576
سون 1200 رپيا سستو: ڊالر 281 رپين تي پهتو
سون 1200 رپيا سستو: ڊالر 281 رپين تي پهتو

پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ اوچتو 8 هزار روپين جي ريڪارڊ لاٿ ٿي وئي آهي، سون جو اگهه گهٽجي 2 لک 8 هزار روپيا في تولو ٿي ويو

عيد جي موڪلن کان اڳ سون جو في تولو اگهه 2 لک 16 هزار روپيا هو، صرافا بازار جي ڊيلرز موجب عالمي منڊي ۾ سون جا اگهه ڪرڻ سبب سون سستو ٿيو آهي

آءِ ايم ايف سان معاهدي کانپوءِ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر به 5 روپيا سستو ٿي ويو، عيد کان اڳ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 290 روپين تي بند ٿيو هو

آءِ ايم ايف سان 3 ارب ڊالرز جي ڊيل بعد اڄ اسٽاڪ مارڪيٽ جي ڪاروبار ۾ به ريڪارڊ واڌ ٿي

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي تاريخ ۾ اڄ پهريون ڀيرو ڪاروبار جي شروعات 22 سئو 30 پوائنٽس سان ٿي

هنڊريڊ انڊيڪس هڪدم 5 ڏهائي 3 سيڪڙو مٿي هليو ويو، ڪاروبار هڪ ڪلاڪ لاءِ روڪيو ويو، هڪ ڪلاڪ بعد پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي ٻيهر مثبت شروعات ٿي