ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڪپهه جي گهرج ۾ گهٽتائي: اگهه ۾ في مڻ تي 2000 رپيا لاٿ، ان ڏس ۾ ٽيڪسٽائل ملز پاران  خريداري گهٽائڻ سبب سنڌ ۽ پنجاب جي ڪپهه جي اگهه ۾ 1500 کان 2000 رپيا في مڻ لاٿ اچي وئي آهي، جنهن بعد سنڌ جي ڪپهه جو اگهه 16300 ۽ پنجاب جي ڪپهه  جو اگهه 16800 رپيا في مڻ تي پهچي ويو، ان ڏس ۾ ڪاٽن جنرز فورم جي اشفاق الله جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف جي فرمائش تي سبسڊي جي خاتمي، بجلي ۽ گيس جي قيمتن  توڙي وياج جي شرح ۾ واڌ سبب ٽيڪسٽائل ملز جي  ڪپهه جي گهرج ۾ گهٽتائي آهي، ايڪسپورٽ ۾ بهتري بعد ڪپهه جي اگهه ۾ اضافو ممڪن آهي