ڇوليون … ڪاميابيءَ جو راز

0
43
ڇوليون ... ڪاميابيءَ جو راز

 پروفيسر صغير احمد جي ڳڻپ عزت واري ھڪ ڪامياب پروفيسر واري آھي، سائين جن ھر محفل جا مور ھوندا آھن، جتي ويھندا آھن اتي ٽھڪ خوشبوءِ بڻجي فضا مھڪائيندا آھن. پنهنجو پاڻ کي سڀني مضمونن جا ماهر سمجهندا آهن، ان ڪري سندس هر وقت اها ڪوشش رهندي آهي ته تعليم جي ڪنهن به پاسي تي ڪو سيمينار هجي، ڪو ورڪشاپ هجي، ڪا ٽريننگ هجي ته کيس پنهنجي علمي ڄاڻ ٻين تائين پهچائڻ لاءِ اسٽيج تي ضرور گهرائڻ گهرجي. پروفيسر صاحب پنهنجو پاڻ کي هڪ اهڙو ماهر ظاهر ڪندا آهن، جنهن جي علمي اڏام کان تعليم کاتي وارا مستفيض ٿيڻ جا موقعا ضائع ڪري رهيا هجن.

                 ڪاليج جا پرنسپل مٽبا رھندا آھن پر جيڪو بـه پرنسپل ڪرسي سنڀاليندو آھي ته ساڻس ڪيمسٽري ملائڻ پروفيسر صغير احمد جي ڏاھي ھٿ جو کيل ھوندو آھي. ڪڏھن ڪڏھن اھو گمان ٿيندو آھي تـ پرنسپل جي ڪرسيءَ تي ڀلي ڪير بـ ويـٺل ھجي، حقيقي حڪمراني پروفيسر صغير جي ھوندي آھي! ھونئن ڪاليج جا پرنسپل سڀني تي ڪاوڙيل رھندا آھن، غير تدريسي عملي توڙي غريب غربي پروفيسرن تي ڏاڪا ٻڌي چڙھي وڃڻ جو ڪوبـه موقعو ھٿان نـ وڃائيندا آھن پر سندن رويو پروفيسر صغير احمد سان بلڪل ابتڙ ھوندو آھي. ڪاليج ايندي ويندي کيس دير سوير ٿي ويندي آھي، جيڪڏھن وچ وچ ۾ ڪجھ ڏينھن يا کڻي پورو ھفتو ڪاليج کان غائب ھوندا آھن، تڏھن بـه پروفيسر صغير احمد لاءِ پرنسپل صاحب جي مھانڊي تي ڪروڌ جي ڪا گھنج ناھي ظاھر ٿيندي.

ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ يا نـه ڪرڻ جي معاملي ۾ پڻ پروفيسر صغير احمد ڏاڍا لاپرواھ واقعي ڏٺا ويا آھن، سندس اھڙي عمل تي ڪڏھن بـ کيس پرنسپل صاحب وٽان ڪا تنبيھ ناھي ملي. ڪلاس روم اندر ھو کيس مليل مضمون پڙھائڻ بدران گهڻو تڻو شاگردن کي پنھنجي ذاتي زندگيءَ ۾ حاصل ڪيل ڪاميابين جا قصا طم طراق سان بيان ڪندا آھن. سندس اھي قصا شاگردن کي برزبان ياد ٿي ويندا آھن. پروفيسر صغير احمد کي پاڙھو ۽ ريگيولر شاگردن تي چڙ رھندي آھي، جيڪي ھروقت ھر پروفيسر کي پنھنجي پنھنجي پيرڊ وٺڻ لاءِ گذارشون پيا ڪندا آھن. پروفيسر صغير احمد ڪوشش ڪري ڪاليج اندر گوسڙو، داداگير، ڪامريڊ قسم جي شاگردن سان دوستاڻا تعلقات قائم رکندا آھن ۽ انھن کي ڪاليج جي پرنسپل ۽ استادن تي داٻو رکڻ لاءِ اڻ سڌي ۽ ڪڏھن ڪڏھن سڌي نموني استعمال ڪندا رھندا آھن.

انٽرميڊيئيٽ بورڊ ۾ پئسي وارن شاگردن کي ڪامياب ڪرائڻ جو سندس بھترين ٽريڪ رڪارڊ آھي. سندس ھڪ سنھري قول آھي تـه، “ٻـ نمبر ڪم ۾ ڪابـه بي ايماني ناھي ڪبي” ۽ پروفيسر صاحب پنھنجي ان اصول تي سئو فيصد عمل پڻ ڪندا آھن. جنھن سان ڊيل ٿي مطلب سندس ڪم ٿي ويو. سندس اھڙي شاندار رڪارڊ جي ڪري شاگردن جا سيٺيا والدين اکيون پوري مٿس اعتماد ڪندي ساڻس مارڪن ۽ گريڊن جو وھنوار ڪندي ڪڏھن بـ ناھن ڪيٻائيندا. بورڊ جو چيئرمين، سيڪريٽري لڳندو آھي سندس چڳ وڍيا يار ھجن. بورڊ جي سيڪريٽ برانچ ۾ ھو ائين ھليو ويندو آھي، جيئن ڪو فلمي اداڪار اسٽيج تي انٽري ڏيندو ھجي. ھو ڪاپيون چيڪ ڪرڻ ۽ ٽيبوليشن جھڙن ڪمن ڪارين کي سر تغاري کڻندڙ مزدورن جو ڪم ڄاڻائي لنوائي ويندو آھي.

ھڪ دفعي پروفيسر صغير احمد سان مان پنھنجي حد جي يونيورسٽي ويو ھوس، پروفيسر صاحب يونيورسٽي اندر پير رکڻ بدران يونيورسٽي کان ٿورڙو پرڀرو ڪبوتري ھوٽل جي ھڪ ڪنڊائتي ٽيبل تي ھلي ويھاريو ھو ۽ ٿوري جهٽ ۾ يونيورسٽيءَ جا ڪيترائي ننڍا وڏا عملدار، خاص ڪري يونيورسٽي اگزامنيشن برانچ ۾ ڪم ڪندڙ بنفس نفيس اتي اچي پڌاريا ھئا ۽ پروفيسر صاحب سان راز ۽ نياز جون ڳالھيون سلڻ لڳا ھئا. مان پنھنجو پاڻ کي شرمندو شرمندو محسوس ڪري رھيو ھوس ۽ مون کي اھي ڏينھن ياد اچي رھيا ھئا جڏھن پنھنجي ان مادر علميءَ ۾ شاگرد جي حيثيت ۾ پڙھندو ھوس ۽ ان وقت ڪيمپس جو درجو رکندڙ پنھنجي اداري کي فل فليج يونيورسٽي بڻائڻ لاءِ اسان جلسا جلوس ڪڍندا ھئاسين. ڪيترا ئي ڀيرا مون پوليس ھٿان پنھنجو مٿو ڦاڙائي وڌو ھو ۽ ٿاڻن تي گھليو ويو ھوس. اڄ اھو ادارو پنھنجي پوري جوڀن تي ڪم پيو ڪري ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ ڪوبـ عملدار مون کي ڪونـه ٿو سڃاڻي، سڀ پروفيسر صغير احمد تي گهور گهور پيا وڃن، جنھن جو تعليمي، ترقي حوالي سان ھن مادر علميءَ سان ڪڏھن ڪو واسطو ناھي رھيو.

ڪالهه ڪاليج ٽيچرس ڪامن روم ۾ اڪيلا ويٺا ھئاسين تـ مون کانئس سوال ڪيو هو ته، “يار تون ھر جاءِ تي قابل قبول آھين، ائين لڳندو آھي ڪاليج جو پرنسپل تنھنجي کيسي ۾ پيو ھجي، بورڊ ۽ يونيورسٽي تنھنجي چيچ جي اشاري تي ھلندا ھجن، تو وٽ لگزري ڪار آھي، سوسائٽيءَ ۾ بنگلو جوڙايو اٿئي، پوري ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاھر خاص ڪري ھر رمضان جي مھيني ۾ عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ ويندو آھين، تون اھي سڀ ڪم آسانيءَ سان ڪيئن سرانجام ڏيئي ويندو آھين؟ مون جھڙا ارڙھين ۽ اوڻويھين گريڊ تي پھچڻ باوجود ھينڊ ٽو مائوٿ واري زندگي پيا گذاريون، عيد الفطر جي موقعي تي ورتل وڳو عيد ڏينھن اوڍي ان کي ڌوئي پوئي استري ڪري وڏي پيٽيءَ ۾ محفوظ ڪري رکي ڇڏيندا آھيون ۽ ان کي ٻيھر عيد الاضحى واري ڏھاڙي تي ڪڍي پائيندا آھيون. تون اھي سڀ ڪم ڏاڍي آسانيءَ سان سرانجام ڏيئي ويندو آهين! ان جو راز ڇا آهي؟”

پروفيسر صغير احمد ٿوري جھٽ لاءِ خاموش ٿي مون ڏانھن تڪڻ لڳو ھو ۽ ائين پئي لڳو ته فيصلو ڪندو ھجي تـه اھو سنھري راز ظاھر ڪري يا نـه ۽ نيٺ خاموشيءَ کي ختم ڪندي مون کي مخاطب ٿيندي چيائين  تـ؛ “اڄ کان ڪيئي ڏھاڪا اڳ مان پرائيويٽ اميدوار طور ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ھئي ته بابا سائين مون کي ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿيڻ جي آڇ ڪئي ھئي، ڇوتـه سندس شھر جو سياستدان تازو تازو تعليم کاتي جي وزارت جو قلمدان سنڀاليو ھو ۽ جيڪو بابا سائينءَ جو تمام سٺو دوست پڻ ھو. پر ان ھوندي بـه بابا مون کان پڇيو هو ته پٽ تنهنجو ڇا ارادو آهي؟

جيئن تـه منھنجو ڪاروباري گهراڻو آھي، اسان جي گهر ۾ اٿي ويٺي ٻن پئسن جي ڪمائڻ ۽ بچت ڪرڻ جون ڳالھيون پيون ھلنديون آھن. ان ڪري مون بابا سائينءَ کي واضح طور ٻڌايو ھو ته بابا منهنجي پڙهائي ۾ ته دل ته صفا ڪونه پئي لڳي، بس اوهان جي خوشي خاطر اها ڊگري وٺي آيو آهيان، هاڻي مان اوهان جي منشا مطابق تعليم کاتي ۾ ليڪچرار ٿيڻ بدران پنهنجو ڪاروبار ڪندس. بابا منهنجي ڳالهه ٻڌي کلي پيو هو ۽ مون کي چيو هئائين ته توکي ڪير ٿو جهلي ته ڪاروبار نه ڪر! چريا تعليم کاتي ۾ مان توکي ان لاءِ ڪونه ٿو موڪلڻ چاهيان ته پنهنجو مٿو کپائي پراوا ٻار پڙهاءِ، مان ته توکي اتي ڪاروبار ڪرڻ واسطي ڏسڻ ٿو گهران، هن وقت تعليم کاتو ڪمائي جي حساب سان نمبر ون آهي، وڃ ۽ وڃي زندگي ٺاهه! ھن قسم جو سنھري موقعو پاڻ کي ورلي شل ملي. ڪاليج استاد بس تنھنجو ڍڪ ھوندو، باقي جيڪو وڻيئي سو ڪر. پنھنجي خاندان جي نوجوانن کي ڊاڪٽر ۽ انجنيئر بڻائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪر پر انھن کان ان ڪم جو پورو پورو اجورو ضرور وصول ڪجانءِ، ڪاليج ۽ يونيورسٽي سطح تي جيڪي امتحان ٿيندا آھن اتي پنھنجي اداري جي گائيڊن جي وڪري کي يقيني بڻاءِ. توکي تـ خبر آھي، گائيڊن جو ڪم تنھنجي چاچي جي صرافا بازار ۾ سون جي دڪان کان وڌيڪ ڪمائيءَ وارو ڌنڌو آھي”.

بابا سائينءَ جون ٻڌايل اھي ڳالهيون منهنجي کوپڙي ۾ ڪنهن سافٽ ويئر وانگي فٽ ٿي ويون ھيون. بابا جي نصيحت تي عمل ڪندي مون تعليم کاتو جوائن ڪيو هو. بظاهر مان ڏيک تعليمي ماهر وارو ڏيندو آهيان پر حقيقت ۾ مان تعليمي ڪاروبار ڪندو آهيان. هي ڪاروبار تمام گهڻو منافع بخش آهي. هي منهنجيون ڪارون، بنگلا، بئنڪ بئلنس، ٻيا ڪاروبار سڀ پنهنجي ان ڪاروباري علم مان جوڙيا اٿم”.

پروفيسر صغير احمد پنھنجو فلسفو بيان ڪرڻ بعد بورڊ آفيس ڪنھن اھم ڪم جي سرانجاميءَ جي ڳالھ ڪري ڪمري کان ٻاھر ھليو ويو. عين ان وقت پوري سکر جي گهٽين ۽ پاڙن کي پيادل لتاڙي سڄاڳيءَ جا ھوڪا ڏيندڙ پروفيسر ڪامريڊ سڀاڳو خان داخل ٿيو ۽ اچي منھنجي ڀر ۾ ويٺو. مون کي حيران پريشان ڏسي چيائين: “خير تـه آھي صفا اٻاڻڪو ٿو لڳين؟” مون کيس چيو تـه، “يار پاڻ آدرشي دوست آھيون پر اھڙن سوچن پاڻ کي ڇا ڏنو آھي؟ ھو پروفيسر صغير احمد کي ئي کڻي ڏسو ڪيترو نـ ڪامياب آھي، کانئس سڀ راضي پاضي آھن، وٽس دنيا جھان جون سموريون سھولتون موجود آھن”.

ڪامريڊ سڀاڳي خان مون ڏانھن چتائي ڏٺو جھڙوڪر منھنجو ايڪسري ڪندو ھجي ۽ سندس تيز نگاھن جي شعاعن منھنجي اندر جي ڀاڙِي انسان کي جھڙوڪر ڏسي ورتو ھو، وراڻيائين: “او ڪامريڊ ڪجھ ھوش ڪر، پروفيسر صغير احمد جهڙا تعليم کاتي جي جڙيل عمارتن ۾ اڏوھيءَ مثل آھن، جيڪي ادارن جي پاڙن کي کوکلو ڪري تباھي مچائي رھيا آھن، ڪامريڊ ڀلي بک ڀرم جي شال مَ وڃي شان جو محاورو ياد نـه رھيو اٿئي ڇا؟ حضرت علي رحه جو قول آھي تـ اوھان جڏھن بـ مايوس ٿيو تـ ھيٺ نھاريو ۽ اوھان جي مايوسي ختم ٿي ويندي. پاڻ اڀرو سڀرو جيڪا زندگي گذاريون ٿا، اھا زندگي ڪروڙن انسانن جي معيار زندگيءَ کان گهڻو مٿانھين آھي”.

پروفيسر صغير احمد جون ڳالھيون نج ڪاروباري ھيون ۽ پروفيسر سڀاڳي خان جا لفظ سندس ضمير جو آواز ھئا. مان پنھنجو پاڻ کي ٻنھي ڪليگس جي سوچن وچ ۾ ھوا جي رخ تي اڏرندڙ بي وزن ڦوري جيان محسوس ڪري رھيو ھوس!