خطن ۾ موٽي آيل حسن درس!

0
155
خطن ۾ موٽي آيل حسن درس!

 ”پنهنجي لکڻين کان وٺي ذاتي زندگيءَ تائين آئون فرشتن ۽ شيطانن جي وچ ۾ ماڻهوءَ واري درجي تي رهيو آهيان. مون ۾ چڱاين سان گڏ اوڻايون به آهن. جيڪڏهن مون کي ان وچ واري درجي جي حيثيت ۾ ڏسندينءَ ته آئون تو وٽ قبولجڻ جهڙو ٿي پوندس”. 18 سيٽمبر 1992ع ۾ رات جو يارهين وڳي حسن درس پنهنجي پياريءَ لاءِ پني تي لکيو پئي. جيڪو هاڻي “ائين بس ملياسين” جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ميڊم ماهتاب محبوب جي معرفت ڪاڇو پبليڪشن پاڻ تائين پهچايو آهي. حسن جي نثر جو حُسن اِرم کي لکيل خطن ۾ پسي سگهجي ٿو. هو شاعريءَ وانگر پنهنجي نثري اظهار ۾ به ڪيڏو نه اُجرو ۽ خالص آهي!

                 ”هيءَ تنهنجي سار جيڪا ڪنهن ڪلاسيڪل ڌُن وانگي پهرين هوريان هوريان وڄي ٿي ۽ آخر ۾ ڀنڀٽ بنجيو ساهن کي ٻاريو ڇڏي. هي واقفڪار گهٽيون، هي منهنجي پيرن جا سڃاڻو رستا، هي ڏٺل منظر، آئون جتان جتان به اڪيلو گذريو آهيان، دل چوي ٿي ته هڪ دفعو وري اتان توسان هٿ ۾ هٿ ڏئي گذران.“

وقت، حالتن ۽ حيدرآباد ارم ۽ حَسن کي ڪٿي ملايو ۽ ڪٿي ڌار ڪيو. ان بيرحم حقيقت جا ڪجهه رنگ حسن جي خطن ۾ هاريل آهن. حسن پنهنجي پياري اِرم سان خطن ۾ ڪئين ڪيفيتون اوريون آهن. مذڪوره ڪتاب ۾ اِرم جو حسن ڏانهن لکيل صرف هڪڙو ئي خط آهي پر اهو به ڀرپور آهي. مهتاب مطابق: هي خط حسن 14 آگسٽ 1992ع ۾ پنهنجي مڱڻي کانپوءِ ارم ڏي لکڻ شروع ڪيا، ڪنهن ٽپال ذريعي نه پر ڪڏهن جي اسان جي گهر ۾ ايندو هو تـ ارم لاءِ ڪو ڪتاب ڏيڻ جي بهاني انهيءَ جي جلد وغيره ۾ اهڙي طرح لڪائي رکندو هو، جيئن اسان مان ڪنهن کي لکا ئي نه پوي….خطن لکڻ جو سلسلو 4 فيبروري 1993ع ۾ شادي ٿيڻ تائين هليو، جن مان ڪيترائي گم ٿي ويا.

هن آواره گرد آدميءَ جو سامان ڪٿي، ڪٿي رهجي ويو، ان لاءِ هن ڪڏهن نه ڪنهن کي ياد ڏياريو ۽ نه ئي گلزار وانگر ڪو اهو چئي اهڙو نظم ۽ خط لکيو ته، ميرا ڪُڇ سامان تمهاري پاس پڙا هي وه لوٽا دو…. هن جيڪو ڪجهه جتي رهايو، وري اهو ياد نه ڪيو. اڳئين سفر ۽ اڳين منزل تي نڪري ويو. هن کي نئين پيار جنمڻ ۽ نئين لمحي تخليق ڪرڻ ۽ ان ۾ جيئڻ جو هنر هو. هو نئين کي پراڻو ڪري دل ڏيڻ جو قائل هو.

اِرم جي پيار جي تيز برسات ۾ مسلسل پُسندڙ حسن لکيو:

تون اڙي او ڇوڪري

پنهنجي جوڀن سانوڻيءَ جو

ڪوئي ڀريل مِينهن آهين

ڄڻ گهٽا اوڍي اچي

مون مٿان آهين لٿي

جهڙ جهڙالو ڏينهن آهين

حسن جي هنن خطن ۾ ڪجهه ارم آهي، ڪجهه مشائخ هوٿي آهي، ڪجهه امڙ آهي، ڪجهه زمانو آهي، ڪجهه ادب آهي. مڪمل صرف حسن جو حُسن آهي. اِرم آهي ته مطلب پيار ته آهي ئي آهي.

هڪڙي شاعر تي ڀُٽي جي ڦاسي ۽ خمينيءَ جو موت ڪيئن اثر ڪن ٿا يا هڪڙي شاعر تي ڪيفيت ۽ لمحو ڪيئن لهي ٿو، انهيءَ جو اظهار به هنن خطن ۾ آهي. اهڙي ئي مشاهدي ۽ تجربي تي حسن مجتبيٰ لکيو هو: …..تي وحيءَ ائين لهندي هئي جيئن ڄامشوري تي شام.

شاعريءَ لاءِ پيدا ٿيل يا شاعريءَ مان پيدا ٿيل حسن درس ڪجهه خطن ۽ انٽريوز ۾ پنهنجو شعوري سفر بيان ڪيو آهي. درسي ڪتابن جون ڳالهيون به ڪيون آهن ته ڀينرن، امڙ، نانين ۽ ڏاڏين جا قصا به ڪيا اٿس. هو ڳالهين جا گلاب پوکيندو هو. اهي ڳالهيون ۽ قصا ڪڏهن هن تي نظم جي صورت ۾ لهندا هئا ته ڪڏهن غزل جي بند جي صورت ۾. زندگيءَ حسن کي حُسن بخشيو ۽ زندگيءَ کي حسن حُسن بخشيو. هو اهڙو حسين هو جو جنهن سان جڙيو، ان جي حُسن ۾ اضافو ڪري ويو. سنڌ ۾ حسن درس جو نالو ۽ حوالو هر ڪنهن پاڻ سان چنبڙائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. اهو ڪم هڪڙي مهم جي صورت ۾ هليو. جنهن جو حوالو ميڊم مهتاب محبوب ڪجهه ٻئي نموني ميار واري انداز ۾ ڏنو آهي. تيرنهن سال گذري ويا، هن سان محبت جا دعويدار گهڻائي، پوءِ به هن جي ذات سان وابستـ سندس آوارگي، شرابي هئڻ جو ڳجهو يا کليو اظهار انهن گهڻ گهرن وٽان پڻ ٿيو وڃي، جن لاءِ ائين کڻي چئي سگهجي ٿو ته، “مڙيئي مون ڏانهن، هوتن ڏانهن نه هڪڙي”.

هو پنهنجي خيال ۾ ڪيترو گهرو ۽ ڪيترو گم هو. “پيهي جان پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ“ جهڙا ڪيترا ئي لمحا، ڪيتريون ئي ڪيفيتون ۽ ڪيترائي خيال حسن جي هنن خطن ۾ موجود آهن. پاڻ کي پاڻ وڃائي ۽ پاڻ ئي ڳوليندي حسن، ارم تائين پهتو. حسن درس جا هي خط هن جي محبت ۾ ڪيل رياضت جو نمونو آهن. هو ڳالهه جو ڏانءُ ڪيئن استعمال ڪري ٿو، گفتو يا جملو ڪيئن پنهنجي اندر جي بٺيءَ مان گذاري پچائي ٿو. اهو اڄوڪن انهن شاعرن کي ضرور ڌيان سان پڙهڻ ۽ محسوس ڪرڻ گهرجي، جيڪي ميڊم مهتاب جي لفظن ۾ گهوڙي جي اک مان دنيا پيا ڏسن ۽ حسن جو نقل ٿا ٿين.

حسن جي بقول اتفاق سان آئون سرمد جو روحاني مُريد آهيان ۽ پنهنجي ذات ۾ هڪ آنو صوفي به آهيان. مون پنهنجو پاڻ کي به شين ۾ ورهايل ڏٺو آهي.

تو نه ڄاتو آئون آهيان ڪڻڪ ۾

ٻاجهريءَ ۾ ۽ ٺري جي ڍُڪ ۾

ٻن فردن پاران يادگيرين جي پوکيل گلابن جي هن فصل کي لهندي اڃان ڪي ٻه مهينا ئي مس ٿيا آهن. جي ڪير چاهي ته سواد چکي سگهي ٿو.

[email protected]