جنگ ۽ نڙين ۾ اٽڪيل گيت

0
20
جنگ ۽ نڙين ۾ اٽڪيل گيت

هاڻي ايران پاران اسرائيل تي ڊرون ۽ ميزائل حملي جي خبرن کانپوءِ سلامتي ڪائونسل جو اجلاس سڏايو ويو هو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن کي ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي زور ڀريو ويو ۽ اجلاس ۾ ان ڳالھ تي به زور ڏنو ويو ته اسرائيل فلسطينين تي گولاباري بند ڪري. غزه ۾ ھن کان اڳ وڏي تباهي ٿي چڪي آھي. جنگ سبب موت، وبائن ۽ ڏڪار منهن ڪڍيو آھي. فلسطيني بي يارو مدگار رهجي ويا آھن.قديم زماني کان وٺي طاقتور ملڪن جا سربراه ڪمزور ملڪن تي جنگيون مڙھي تباهيون ڪندا رهيا آھن. جنگين ۾ ڪمزور قومن جا ماڻھو موت، وبائي بيمارين ۽ بک ۾ تڙپي تڙپي مرندا رهندا آھن. جنگيون نه فقط انساني زندگيون تباهه ڪري ڇڏينديون آھن پر جنگين ۾ بچي ويل زندگين جا بهار به ڪومائجي ويندا آھن ۽ گيت نڙين ۾ اٽڪي پوندا آھن. خاموشي ٽھڪن جي جاءِ والاري ويندي آھي. انساني زندگي جنگين، حادثن، بيمارين، بک ۽ خوف ۾ هارجي ويندي آھي.

                 عجيب اتفاق هو، جنهن وقت ايران  فلسطين جو پلاند وٺڻ لاءِ اسرائيل تي، حملي جو پروگرام سوچي رهيو هو ته ان ويلي نورانيءَ جي درگاهه تي ويندڙ زائرين جي ايڪسيڊنٽ ۾ مارجي وڃڻ کان پوءِ سندن اجتماعي قبر تيار ڪئي پئي ويئي، جنهن قبر ۾ مڪلي جا اهي فوتي جوکيا دفنايا ويا هئا. حادثي وارو ڏينهن عيد جو ڏينهن هو. عيد جو ڏينهن خوشين جو هوندو آھي، پر اها عيد ڪيترن ئي خاندانن لاءِ خوشي ۽ خريد وساري آئي هئي. ان ڏينهن ٽرڪ تي سوار ٿي نوراني ويندڙن سان حب ويجهو حادٽو پيش آيو، جنهن ۾ 18 ڄڻا فوت ٿي ويا، جن جو تعداد هاڻي وڌي 20 ٿي ويو آهي. موت ته اچڻو آھي، پر ان قسم جا حادثاتي موت ساري ماحول کي سوڳوار ڪري ڇڏيندا آھن. مون کي مرزا غالب جو هي شعر ياد ٿو اچي:

موت ڪا ايڪ دن معين هي

نيند ڪيون رات ڀر نهين آتي

سنڌ ۾ خاص ڪري حادثاتي موتن ۾ اضافو ان ڪري به ٿيو آھي، جو سنڌ جا روڊ رستا تباه حال آھن، سواريون وڌي ويون آھن. گاڏيون هلائيندڙ ڊرائيور تربيت يافته ڪونه آھن ۽ روڊن جي پاسن کان بيٺل وڻن جي صفائي ڪانهي. تيز رفتاري سبب موڙن ۾ گاڏيون ٽڪرائجي ٿيون وڃن ۽ حادثا ٿين ٿا. اڳي روڊس کاتي جا ملازم بيلدار روڊن تي جمپن ۾ سارو ڏينهن مٽي وجهندا هئا ۽ روڊن جي پاسن کان وڻن کي ڪٽي صاف ڪندا هئا. داروغا انهن جي ڪم جي نگراني ڪندا هئا. هاڻي ته روڊس کاتو ئي گم لڳو پيو آھي. هاءِ ويز کي ڇڏي باقي روڊن ۾ کڏا ۽ پاسن کان ايترا ته گهاٽا وڻ هوندا آھن، جو سامهون ايندڙ سواري پري کان نظر ئي ڪانه ايندي آھي. سوارين جو هڪ ٻئي کي ويجهي اچڻ تي، گاڏين ۾ ٽڪر ٿي پوندو آھي ۽ ماڻھن سميت گاڏيون به تباه ٿي وينديون آھن. اسان وٽ ته ٽرئفڪ قانون نظر ئي ڪونه ٿو اچي. حڪومت جي ڀل ته اها ڪوشش ھجي به سهي ته نوان ٺھندڙ توڙي مرمت  وارن روڊن تي بهتر ڪم ٿئي پر سندن ئي پارٽي جا چونڊيل نمائندا، روڊن جي هلندڙ ڪمن دوران پنهنجو حصو پتي پهرين ئي وٺي ٿا وڃن، باقي ڪم ڪهڙو ٿيندو؟ ٺھندڙ روڊ ۽ سرڪاري عمارتون هڪ سال ۾ ئي کنڊر بڻجي ٿا وڃن.هتي هر نئين ايندڙ حڪومت ھر دفعي زرعي توڙي سماجي سڌارن جي نالي ۾ پروگرام ڏيئي عوام جو مٿو ڪوڙيندي آھي. هتي زرعي توڙي سماجي اصلاحات جي نالي ۾ ڪرپشن ڪئي ٿي وڃي. ڪيئي سال گذري ويا آھن، پر سنڌ جي ٻھراڙين توڙي شھرن جي ساڳي حالت آھي. اسان جا ماڻھو عيدن برادن تي گاڏيون ڀاڙي تي ڪري، اجرڪون ۽ لونگيون وٺي وڃي چونڊيل نمائندن کي سندن بنگلن تي پارائيندا آھن. سندن پيرن تي هٿ رکي ساڻن فوٽو ڪڍائي سوشل ميڊيا تي رکي خوش ٿيندا آھن. هو ان عمل کي ئي ڪاميابي سمجهن ٿا.

مڪلي جي پورهيت ماڻھن جو ٽرڪ حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي ڏک آھي. مون جنگنامي ۾ پڙھيو هو ته مڪلي جي سرزمين تي اڳي به جوکين جو بي گناه رت وهيو ھو, ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لکيل ڪتاب جنگنامي مطابق: جوکين ۽ ڪرمتين جي وچ ۾ پهرين جنگ مڪلي ۾ لڳي هئي، جنهن جنگ ۾ جوکين کي شڪست نصيب ٿي هئيئ ڪرمتي حب، ملير، ساڪري جا ملڪ هئا. کين اورنگزيب بادشاه جاگيرون ڏنيون هيون. مغلن کان پوءِ 1150ھ ۾ لاڙ وارو علائقو ميان نور محمد ڪلهوڙي جي هٿ هيٺ آيو. هن ڪرمتين جي طاقت ڀڃڻ لاءِ خدا آباد مان لشڪر چاڙھيو هو. ان جنگ متعلق هڪ آڳاٽو بيت به ملي ٿو:

کنيون خدا آباد مان ٻارنهن هزارن،

سنڌ، ڇپر، ساڪرو، لٽيو لباسين،

آئي مل ملير تي، گهل وڏي گهوڙن،

ملير سڀ ملهايو، مائي عزت جي پٽن.

انهيءَ حملي ۾ نوزڪ خان ڪرمتي جي پٽ، جن جي ماءَ جو نالو مائي عزت هو، وڏي بهادري سان وڙھيا هئا. جوکين کي ميان يار محمد ڪلهوڙي جي پٺڀرائي حاصل هئي. جوکين جو اڳواڻ بجار ۽ ڪرمتين واري لشڪر جو اڳواڻ مير مزار خان هو. مڪلي تي لڳل ان جنگ ۾ مير مزار ڦٽيو پر ڪرمتين پڙ کٽيو ۽ جوکين جي هار ٿي. آئون ٻيهر پٺ تي موٽان ٿو ته اخبار تي نظر پوي ٿي، جنهن ۾ لکيل آھي ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آھي ته ايران کان پلاند ورتو ويندو. آئون ان تي سوچي رهيو آھيان ته طاقتور ملڪ مختلف بهانن سان ڪمزور ملڪن تي حملا ڪري انساني خون جون نديون الائي ڇو وهائين ٿا؟ پهرين عالمي لڙائي جيڪا 1914ع کان شروع ٿي ۽ 1918ع تي ختم ٿي هئي، هيءَ جنگ يورپ، روس، آمريڪا ۽ وچ ايشيائي ملڪن وچ ۾ لڳي هئي. پهرين عالمي جنگ کان به ٻي عالمي جنگ وڌيڪ خطرناڪ جنگ هئي، جيڪا 1939ع ۾ جپان جي چين ۾ مداخلت سان شروع ٿي هئي، جنهن جي پڄاڻي 1945ع ۾ ٿي. هيءَ جنگ ڊگهو عرصو هلڻ ڪري خونخوار جنگ ثابت ٿي هئي. هن جنگ ۾ جپان جي شھرن هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي آمريڪا پاران ائٽم بم به ڪيرايو ويو هو، جنهن ۾ انهن شھرن جي سر زمين ئي سڙي ويئي هئي ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين انهن علائقن ۾ ڪو سائو سلو ئي ڪونه اڀريو. اتي جا ڄمندڙ ٻار معذور ۽ ڪمزور هئا. انهن جنگين کان پوءِ مختلف ملڪن وچ ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي جنگيون شروع ٿيون، جن ۾ آمريڪا- افغانستان جنگ، آمريڪا- عراق جنگ، اسپين- آمريڪا جنگ. انهن ۾ انساني خون جون نديون وهايون ويون.

ازل کان اڄ ڏينهن تائين انسان جنگين، بيمارين، حادثن ۽ قدرتي آفتن ۾ پنهنجي زندگي وقت کان اڳ وڃائيندو موت جي منهن ۾ ڌڪبو رهيو آھي. هاڻي جڏھن انسان صدين جو سفر طئي ڪري جدتن جي جهان ۾ پهتو آھي ته اتي ان کي جنگ نه پر امن گهرجي، موت نه پر زندگي گهرجي، بيماري نه پر ڇڱڀلائي گهرجي. بک نه پر ڳڀو گهرجي. تباهي نه پر ترقي گهرجي. ان لاءِ حڪومت ئي ذميوار آھي، جيڪا ماڻھن کان ووٽ وٺڻ کان پهرين ملڪ، ملت جي ترقي، امن، سڪون ۽ خوشحالي جا وچن ڪري اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي اقتدار حاصل ڪري ٿي.