شڪارپور پوليس جي موبائيل وسيلي بلوچستان مان سنڌ هٿيار اسمگل ٿيڻ جو انڪشاف

0
52

شڪارپور پوليس جي موبائيل وسيلي بلوچستان مان سنڌ هٿيار اسمگل ٿيڻ جو انڪشاف، شڪارپور جي ٻن اهلڪارن سوڌو 3 ڄڻا گرفتار، جيڪب آباد پوليس باءِ پاس تي ڪارروائي ڪندي هٿيارن جي اسمگلنگ ناڪام بڻائي ڇڏي، پوليس موبائيل ۽ گرفتار ٻن اهلڪارن سوڌو 3 ڄڻا ٿاڻي تي منتقل

پوليس هٿيار ۽ وڏي تعداد ۾ گوليون به تحويل ۾ وٺي ڇڏيون، پوليس جو چوڻ آهي ته هٿيار بلوچستان کان سنڌ اسمگل ڪيا پئي ويا، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته هٿيارن جي اسمگلنگ ۾ هڪ صوبائي صلاحڪار جي اسڪواڊ ۾ شامل گاڏي به استعمال ڪئي وئي، اُها گاڏي تحويل ۾ ورتي وئي آهي، جيڪب آباد پوليس پاران صوبائي صلاحڪار جا ويجها ماڻهو به تحويل ۾ وٺڻ جا اطلاع

تحويل ۾ ورتل پوليس موبائيل جو نمبر ايس پي اين 375 آهي، هاءِ پروفائيل واقعي تي ايس ايس پي جيڪب آباد هنگامي پريس ڪانفرنس ملتوي ڪري ڇڏي، رڳو پريس رليز جاري ڪرڻ جو فيصلو، ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس جي پريس رليز ۾ صوبائي صلاحڪار، تحويل ۾ ورتل سندس گاڏي ۽ ماڻهن جو ذڪر نه ڪيو ويندو