ڇا ڪا چونڊ شفاف به ٿي سگهي ٿي؟

0
538

ڪهڙي جادو جي ڇڙي ملي وئي پيپلز پارٽي کي؟ ڪهڙو ايڏو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو پيپلز پارٽي هنن چند سالن ۾، جو ڪراچي جي اولھه ضلعي جي اين اي 249 تان، انهي حلقي مان اڪثريت سان 2018ع جي چونڊن ۾ ووٽ حاصل ڪندڙ ۽ وفاق ۾ حڪمراني ڪندڙ جماعت پي ٽي آءِ کان ۽ مسلم ليگ نواز کان، اها سيٽ کٽي وئي؟
2018ع جي دوران ڪراچي ضلعي اولھه ۾ 2017 جي آدمشماري جي واڌ سبب قومي اسيمبلي جي ٻن سيٽن ۾ هڪ سيٽ جو واڌارو ٿيو، جنهن تان پي ٽي آءِ جو اميدوار فيصل واڍا، مسلم ليگ نواز جو مرڪزي اڳواڻ شهباز شريف ۽ پيپلز پارٽي جو، اهو ئي هن وقت چونڊجي ايندڙ، اميدوار قادر مندوخيل مقابلي جي ميدان ۾ آيا 2018ع جي اليڪشن جي نتيجن تي سڀني اعتراض ڪيا، پر پيپلز پارٽي چونڊ عمل تي ۽ نتيجن تي تنقيد سان گڏوگڏ سنڌ جي حڪمراني کي، شايد ڪنهن ڳٺجوڙ جي نتيجي ۾، پنهنجي هٿ ۾ يقيني ايندو ڏسي خاموشي اختيار ڪئي. اليڪشن 2018ع جي نتيجن ۾ انهي سيٽ تان فيصل واڍا سڀ کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري اها سيٽ حاصل ڪئي هئي. جڏهن ته ٻئي نمبر تي مسلم ليگ نواز جو اميدوار ميان شهباز شريف هو ۽ پيپلز پارٽي جو اميدوار قادر مندوخيل ست هزارن جي لڳ ڀڳ ووٽ حاصل ڪري پنجين نمبر تي پهتو هو. انهي ايتري وڏي جمپ کي ڇا سمجهجي! ڇا 2018ع ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار قادر مندوخيل جي ووٽن کي انهي وقت چوري ڪري پي ٽي آءِ جي اميدوار فيصل واڍا جي لاءِ رستو هموار ڪيو ويو؛ يا 2021ع جي ضمني چونڊ ۾ مسلم ليگ نواز جي مفتاح اسماعيل جي ووٽ کي چوري ڪري پيپلز پارٽي جي اميدوار قادر مندوخيل کي کٽرايو ويو؟
ڇا اهو ممڪن آهي ته ڪنهن به حلقي جي ووٽر جو ذهن چند سالن ۾ ايترو تبديل ٿي ويو هجي، جو هن ٽن سالن جي اندر پنهنجي راءِ کي تبديل ڪري هڪ ٻي جماعت جنهن کي پهرين هن گهٽ کان گهٽ ووٽ ڏنا هجن ۽ انهي کي نمبر ون تي پهچائي ڇڏيو هجي؟ ڇا پيپلز پارٽي سنڌ اندر ۽ خاص طور انهي 249 جي قومي اسيمبلي جي تڪ ۾ ڪي ايترا وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، جو انهي سبب اتي جي ووٽرن پنهنجي راءِ کي تبديل ڪري پيپلز پارٽي جي اميدوار کي ووٽ ڏيڻ جي قابل سمجهيو هجي!؟ يا ڇا پشتون آبادي جو ووٽ انهي تڪ ۾ ايترو وڌي ويو آهي، جو انهي پنجابي آبادي جي اڪثريت واري تڪ ۾ انهن کي اقليت ۾ تبديل ڪري ورتو آهي؟ ياد رهي ته انهي تڪ جي اندر ايندڙ حدن ۾ پنجابي ڳالهائيندڙ آبادي جي اڪثريت آهي، جنهن سبب ئي مسلم ليگ نواز انهي تڪ تان ميان شهباز شريف کي 2018ع جي چونڊن ۾ اميدوار طور نامزد ڪيو هو. ايتري وڏي تبديلي ڪنهن به طرح سمجهه ۾ اچڻ ناممڪن آهي، پر انهن نتيجن بعد اهو سوال وڌيڪ سگهارو ٿيندو ٿو وڃي ته ڇا هن ملڪ ۾ شفاف چونڊن جو ٿيڻ ڪڏهن ممڪن به آهي يا نه؟ هن ملڪ جي اندر 1970ع جي بعد ٿيندڙ ڪا به اليڪشن اهڙي ڪونهي ٿي جنهن تي مڪمل طور سڀني سياسي جماعتن ۽ عام ماڻهن اعتماد جو اظهار ڪندي انهي کي جملي قابل قبول ڪيو هجي! ماضي ۾ شفاف چونڊن جي نه ٿيڻ جا نه رڳو ثبوت پيش ڪيا ويندا رهيا آهن، پر خود ڪيترن چونڊ جي عمل ۾ مداخلت ڪندڙ فردن جا پنهنجا اعتراف پڻ سامهون ايندا رهيا آهن. تنهنڪري اهو ڪو ناممڪن نه ٿو ٿي سگهي ته چونڊن جا گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ هن ملڪ ۾ فرد ۽ ادارا ڪو پنهنجو ڪردار ادا نه ڪندا هجن.
قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 249 جي 2018ع واري چونڊ نتيجن کي ڪوڙو چئجي يا تازو ٿيل ضمني چونڊن جي نتيجن کي؟ ٻنهي صورتن ۾ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پوءِ انهي ڪوڙ تي مبني نتيجن پيدا ڪرڻ يا حاصل ڪرڻ جي پٺيان ڪير آهي؟ ڇا اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان يا اليڪشن ڪميشن آف سنڌ انهي شفافيت جي عمل ۾ ڪنهن ڪوتاهي جي مرتڪب ٿيندي رهي آهي يا اهي ادارا جيڪي اليڪشن جي عمل ۾ سڌي ريت پنهنجون انتظامي ذميواريون سرانجام ڏين ٿا، اهي انهي ڏوھ جا ڏوهي آهن؟ يا اڃا ڪا ٻي غيبي طاقت به انهي جي پٺيان ٿي سگهي ٿي، جنهن جا هٿ هميشه ڪنهن نه ڪنهن طرح هر هنڌ هر معاملي ۾ پهچڻ جي سگھه رکن ٿا!؟ جيتوڻيڪ اليڪشن ڪميشن انهن نيتجن کي روڪڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پر ڇا سنڌ ۾ به پنجاب جي ڊسڪا واري ضمني چونڊ جي نتيجن روڪجڻ بعد ٻيهر چونڊ عمل جو ٿيڻ ممڪن آهي؟ لڳي نه ٿو ته سنڌ جي اندر انهن ضمني چونڊن جي نتيجي کي رد ڪندي وفاقي اليڪشن ڪميشن ٻيهر چونڊن ڪرائڻ جو ڪو اعلان ڪندي، جيڪڏهن اهڙي قسم جو اعلان ٿي به وڃي ته ڇا هر ڀيري اليڪشن ڪميشن چونڊ نتيجن تي اعتراضن بعد هر تڪ تي نيون چونڊُون ڪرائيندي رهندي يا انهي خرابي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي جنهن سبب چونڊن جي عمل ۾ شفافيت هميشه سواليا رهي ٿي.
هن ملڪ ۾ جيڪا به چونڊ ٿيندي آهي، انهي جي نتيجن کي مڪمل طور قبول ڪرڻ جو نه ڪو رواج رهيو آهي نه ئي ڪو سالم جواز رهندو آيو آهي. جڏهن به چونڊون ٿينديون آهن اقتدار ۾ ايندڙ جماعت انهي کي شفاف قرار ڏيندي آهي، جڏهن ته هارايل يا مخالف ڌر ۾ ويهندڙ جماعت انهي کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي، انهي جي غير شفافيت تي ۽ لڳل پنڪچرن تي احتجاج ڪندي رهندي آهي. جڏهن هر جماعت جي حالت اها آهي ته چونڊ جي پوري عمل کي هو آزاد، اڻ ڌريو ۽ شفاف ڪونه سمجهندا رهندا آهن ته پوءِ آخر ڪهڙا سبب آهن جو انهن سياسي جماعتن جي اندر انهي هڪ نقطي تي پاڻ ۾ ڪو اتفاق پيدا ڪونه ٿو ٿئي جنهن سان سڀ کان پهرين چونڊ عمل ۾ سڌارا آندا وڃن؟ هئڻ ته ائين گهرجي ته جيڪي به سياسي جماعتون اليڪشن جي عمل ۾ ڪنهن جي به مداخلت کي محسوس ڪن ٿيون يا انهي چونڊ جي عمل ۾ ڪنهن انجينئرنگ جي عمل دخل متعلق ڪا ڄاڻ رکن ٿيون ته انهن کي گڏجي پهرين ته انهي اليڪشن جي طور طريقي ۾ ڪا گڏيل طور اصلاح ڪرڻ گهرجي، جنهن سان انهن کي گهٽ ۾ گهٽ اهو يقين هجي ته جمهوريت جي عمل ۾ ڪنهن سان به ڪا ٺڳي ڪونه ٿيندي.
پاڪستان جي چونڊ جي عمل ۾ اصلاح جي لاءِ سڀئي سياسي جماعتون بيان ته ڏينديون رهنديون آهن، پر جڏهن به کين اقتدار ملي ويندو آهي ته انهن کان پوءِ اهي چونڊ جي عمل ۾ جيڪي به خرابيون ڪميون يا ڪوتاهيون آهن، سي کائن وسري وينديون آهن. انهن کي اهو ياد نه رهندو آهي ته جڏهن هنن گذريل چونڊ ۾ هارايو هو ته کين ڪيتريون ئي رٿائون هنن جي ذهن ۾ هيون جن لاءِ هو دعوائون ڪندا رهيا ته انهي سان چونڊ جي عمل ۾ شفافيت آڻي سگهجي ٿي، سي اقتدار ۾ اچڻ بعد خبر ناهي، انهن جي ذهنن مان ڪيڏانهن ۽ ڪيئن گم ٿي وينديون آهن! هن ضمني چونڊ بعد وفاق ۾ پي ٽي آءِ سرڪار به اها دعويٰ ڪري رهي آهي ته چونڊ جو عمل شفاف ناهي ته مخالف ڌر ۾ ويٺل مسلم ليگ نواز به الزام هڻي رهي آهي ته چونڊ جو عمل شفاف ڪونهي ۽ جڏهن پنجاب ۾ يا گلگت ۾ پيپلز پارٽي چونڊون هارايون ته انهن به اهو الزام لڳايو ته چونڊن جا نتيجا اڳواٽ ئي رٿيل هجن ٿا. جڏهن سڀني کي چونڊ عمل تي ڪو اعتبار ۽ اعتماد ڪونهي ته ڇا اهو لازم ڪونهي ته پاڪستان جي سڀني سياسي جماعتن کي گڏجي پهرين ڪا اهڙو ڪميشن جوڙڻ گهرجي، جيڪو پاڪستان جي چونڊ عمل کي آزاد، خودمختيار ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ ڪي موثر تجويزون جوڙي، جنهن تي عمل ڪرڻ بعد گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ چونڊن جو عمل اهڙو هجي جنهن کي قبول ڪرڻ سڀني لاءِ ممڪن هجي ۽ سڀني کي اهو يقين هجي ته چونڊ جي عمل ۾ ووٽ واري ڏينهن، ووٽ کان پهرين يا ووٽ بعد ڪا به هٿرادو ڦير گهير ممڪن ٿي ئي نه ٿي سگهي؟