جڏھن جمھوريت ۾ ساھھ نھ کڻي سگھجي!

0
450

ڇا اديبن ۽ شاعرن جون اکيون ايترو ڏور ڏسي سگھنديون آھن؟ اھو سوال ان وقت بھ اڀريو ھو، جڏھن روس جي انقلابي شاعر ماياڪو وسڪيءَ ڪيترائي سال اڳ ۾اھو انڪشاف ڪيو ھو ته “روس جي مٿان 1917 ڌاري نئون سج اڀري رھيو آھي” ۽ ھاڻي ساڳي ملڪ جي عظيم ناول نگار دوستو وسڪيءَ جا اھي لفظ منھنجي من ۾ ڇوليون ھڻي رھيا آھن، جڏھن 18ھين صديءَ جي وچ ڌاري پنھنجي جڳ مشھور ناول “ڪرائيم ۽ اينڊ پنشمينٽ” ۾ لکيو ھو ته “ھاڻي ڀلي نه مڃيو وڃي ۽ نه سمجھيو وڃي پر اڳتي ھلي انسان ذات جي لاءِ تازي ھوا جو ساھھ کڻڻ ھڪ وڏي عياشي ليکيو ويندو” گھٽ ۽ ٻوساٽ سبب ساھھ نه کڻي سگھڻ واري ڪيفيت ھن پنهنجي ھڪ خط ۾ بھ تحرير ڪئي آھي ۽ اھو خط به ارڙھين صديءَ جو ھو. ان دور ۾ اڃا صنعتون ھلڻ ته شروع ٿيون ھيون پر پاليوشن جو لفظ اجنبي ھو. جڏھن ته ماحوليات جو ته تصور به جڙي نه سگھيو ھو. ان دور ۾ دوستو وسڪي ماحول مان آڪسيجن ختم ٿيڻ جي ڳالھه ڪري رھيو ھو، جڏھن ڪنهن ليبارٽريءَ ۾ ڪم ڪندڙ ڪنهن حياتياتي سائنسدان کي ڪورونا جو لفظ ڪنن تي به نه پيو ھو. ڪجھه ڏينهن اڳ جڏھن ڀارت جي عوامي ضمير جي علامت ۽ نريندر موديءَ جي سوچ جي سخت مخالف “گاڊ آف لٽل ٿنگس” ۽ “منسٽري آف اٽموسٽ ھيپي نيس” جھڙن شھڪار ناولن جي تخليقڪار پنهنجي سوچ ۽ اسٽائيل سبب پوري دنيا ۾ پيار سان پڙھي ويندي رائٽر ارون ڌتي راءِ پنهنجي تازي مضمون ۾ موديءَ کي چھنڊڙي پائيندي چيو ھو ته ھو جڏھن 2017ع وارين چونڊن دوران اترپرديش ۾ ھڪ قبرستان سان گڏ ھڪ شمشان جو به واعدو ڪري رھيو ھو ۽ ماڻھن کان نعرا ھڻائي رھيو ھو ته “شمشان شمشان” تڏھن پورو ملڪ شمشان ڏسي ھن کي ڪيئن محسوس ٿي رھيو آھي؟ ارون ڌتي راءِ پنهنجي تازي مضمون جي وچ ۾ لکيو آھي ته اسان جي ڀيانڪ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ھاڻي آڪيسجن جو نالو به استعمال ٿي رھيو آھي. ارون ڌتي راءِ جا اھي لفظ پڙھي ڪنهن جو ڌيان نه ويندو، ان دوستو وسڪيءَ جي طرف جنهن جو ھڪ ڪردار رڙيون ڪري رھيو آھي ته “ھوا….ھوا…ھوا….ڪٿي آھي، ھوا؟”
ھڪ وقت اھڙو ھو، جڏھن ڀارت جي فوج “دشمن” لفظ اچاريندي ھئي ته ان ٻڌندڙ جي ذھن ۾ “پاڪستان” جو تصور ترڻ لڳندو ھو ۽ ساڳي طح سرحد جي ھن پار واري فوج وٽ به دشمن” جو مطلب ڀارت ئي ھو. پر جڏھن فوجي قوت ۾ پنهنجي ڀيٽ چين سان ڪرڻ شروع ڪئي ته ڀارت جي ھڪ فوجي سربراھه آن دي رڪارڊ ڳالھه ڪئي ھئي ته ھاڻي اسان جا جوان جڏھن “دشمن” جو لفظ ڪتب آڻيندا آھن، تڏھن انهن جي ذھنن ۾ پاڪستان نه پر چين ھوندو آھي. چين سان ڀارت جون “ايڪچيوئل لائين آف ڪنٽرول” تي جيڪي تازيون جھڙپون ٿيون ھيون، انهن ۾ ڪيترن ئي سالن کان پوءِ گوليون به ھليون ھيون ۽ انهن جھڙپن ۾ صرف ٻنهي ملڪن جا سپاھي گھايل نه ٿيا ھئا پر ٻنهي ملڪن پنهجن پنهنجن جوانن جا لاش به کنيا ھئا. ٻنهي ملڪن جي ڇڪتاڻ ۾ ھڪ وقت ته اھڙو به آيو ھو، جڏھن ڀارت چين سان پنهنجا سمورا تعلقات ختم ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ وارو ھو. ھي اھوئي وقت ھو جڏھن انتهاپسند ھندو روڊن رستن ۽ چوراھن تي چيني ٽي ويون ٽوڙي چين سان مقابلي جا اعلان ڪري رھيا ھئا ۽ آمريڪا ان تي تمام گھڻو خوش ھو ته چين ۽ ڀارت جي وچ ۾ وٿي پيدا ٿي رھي آھي. اھڙي وٿي پئجي به وئي ھئي پر ڇا ڪوئي چئي سگھندو ته “ڪورونا” ان وٿيءَ کي ڀرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھيو آھي.
ھن وقت جڏھن ڀارت ۾ ڪورونا جا مريض ساھه کڻڻ لاءِ تڙپي رھيا آھن ۽ آڪسيجن انمول شيءَ بڻجي وئي آھي، تڏھن انڊيا کي سڀ کان وڌيڪ آڪسيجن فراھم ڪرڻ وارو ملڪ آمريڪا نه پر چين آھي. ھانگ ڪانگ جي ھوائي اڏن تان چين ۽ ڀارت جا فوجي جھاز بمن بدران آڪسيجن سان ليس ٿي ڀارت جي ايئرپورٽن تي لھن ٿا. دنيا ھڪ نئون لقاءُ ڏسي ٿي. جڏھن پاڪستان وٽان به آڪسيجن جا ٽينڪ ڀارت طرف اماڻيا وڃن ٿا. ھن مھل مودي ماٺ آھي. ھن مھل فتني ۽ فساد واريون زبانون تالن ھيٺ اچي چڪيون آھن. ھن مھل انسان صرف جياپي جي جنگ وڙھي رھيو آھي. انسان ان دور ۾ اھو به سمجي رھيو آھي ته اصل جنگ اھا ئي آھي. ھي ننڍي کنڊ جا اديب توڙي شاعر جيڪي اڇن وارن تي ھٿ ڦيرائي مائڪروفونن تي چوندا ھئا ته ڀارت ۽ پاڪستان کي پاڻ ۾ نه پر گڏجي انهن مسئلن سان وڙھڻ گھرجي، جن کي ٻنهي ملڪن جا غريب ماڻھو منهن ڏئي رھيا آھن. ڀارت کي ھن مھل محسوس ٿيو ته ھوندو ته ڀلي ھو خلائي پروگرام ٺاھي ۽ چين سان خلائي ريس پڄائي ۽ چنڊ تي خلائي گاڏيون موڪلڻ جا سانباها ڪري پر جيستائين ھن جي ملڪ ۾ عوام کي ساھه کڻڻ جيترو سک ناھي ته پوءِ ڀارت ڪھڙي ترقيءَ تي ناز ڪندو؟ ڀارت جي ھڪ طاقت اتان جو ھاري ۽ خاص طور تي اتان جو تعليم يافتا مڊل ڪلاس آھي ۽ ھن مھل ڀارتي معاشري جا ٻئي طبقا پنهنجي رياست طرف مايوس اکين سان گھوري رھيا آھن. انهن کي اھڙي رياست گھرجي، جيڪا پارٽين ۾ وڃڻ ۽ فلاحي ڪم ڪري خاندان جو نالو ڪڍڻ بدران ھڪ مثالي ماءُ وانگر بک ۽ بخار ۾ تڙپندڙ ٻچڙن جو خيال رکي. اھا ماءُ جنهن کي نهروءَ جي دور ۾ “مدر انڊيا” فلم جي علامت ۾ پيش ڪيو ويو ھو. اھا ماءُ پنهنجي اصل راھه تان ڇو ھٽي؟ ان سوال تي ڀارت جو مڊل ڪلاس سوچي رھيو آھي ۽ جڏھن ڪورونا جي شدت گھٽجي ويندي، تڏھن ھو شايد وڌيڪ بهتر انداز سان سوچي سگھي. ھن مھل ته ڀارت مٿان ڪوونا ڀرپور وار ڪري رھيو آھي ۽ مودي جي حڪومت ان آفت کي منهن ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام وئي آھي.
ڀارت ۾ ڪورونا جي ٽين لھر ھن وقت ٿڪجي واپس وري رھي آھي يا ڀارت عالمي ادارن ۽ خاص طور تي بي بي سيءَ کي منٿ ميڙ ڪري مڃرائي ويو آھي ته ڪورونا سبب ٿيندڙ تباھين کي اھڙي ڪوريج نه ڏين، جنهن سان عام جنتا جو جيءُ جھري پوي. ڪورونا جي طاقت ۾ ڪجھه وقت اندر ڪافي گھٽتائي ته ايندي پر ڇا ڪورونا جي موجوده ڪيفيت کان پوءِ ڀارت پنهنجي ڏيھي توڙي پرڏيھي پاليسين جي مٿان غور ڪندو؟ ڇا ڀارت کي اھو سمجھه ۾ ايندو ته:
“جنگ تو خود ايڪ مسئلا ھي
جنگ ڪيا مسئلون ڪا حل دي گي؟”
ڇا ھن کي ساحر، ڪيفي اعظمي ۽ مخدوم جا ٻول سمجھه ۾ ايندا؟ ڇا ڀارت پاڙيسرين سان بهتر لاڳاپا رکڻ واري عقل تي عمل ڪندو؟ ھن مھل ڀارت جا پنهنجي ڀر پاسي وارن ملڪن سان ڪي محبت وارا رشتا ناھن پر پوءِ به ھو ھن مشڪل وقت ۾ ڀارت جي مدد ڪري رھيا آھن. ڀارت جي دماغ ۾ جيڪو جنون گھر ڪري ويو ھو ته ھو خطي تي خطرناڪ قوت بڻجي وڃي ۽ سڀ ملڪ ھن کان ڊڄن ۽ ھن جي حڪم تي ھلن. اھڙي سوچ ملڪن کي جمھوريت جي بدران فاشزم جي طرف وٺي ويندي آھي. قوم، ٻولي، ڌرم ۽ ڪلچر سبب پاڻ کي اعليٰ ۽ ٻين کي حقير سمجھڻ واري سوچ ھٽلر کي نه ڦَٻي ته موديءَ کي ڪٿان ڦَٻندي؟ اھا سوچ انتهائي منفي سوچ ھوندي آھي. اھا سوچ ڦَٻندي ناھي پر ماڻھن توڙي قومن کي ڦريندي آھي.
نظام اھم ھوندو آھي، جڏھن ته نالو ايترو اھم نه ھوندو آھي. چوڻ لاءِ ته چين ۾ به سوشلزم آھي ۽ اتي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي حڪومت آھي پر ھاڻي واري چين ۽ اڳوڻي چين ۾ ڪو فرق ناھي؟ چين ڪھڙي انقلاب جي ڪھڙي ڏاڪي تي بيٺل آھي ۽ سوشلزم جي ڪھڙي منزل عبور ڪري رھيو آھي؟ ان باري ۾ ته چين جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جا اڳواڻ به ڪجھه لکڻ جي آزاديءَ کان محروم آھن. ساڳي طرح سان چوڻ لاءِ ته دنيا جي گھڻن ملڪن ۾ جمھوريت آھي پر عوامي راڄ ۽ بيلٽ پيپرن تي ٺپو ھڻڻ ۽ ان کان پوءِ آپي شاھي سان حڪومت ھلائڻ ۾ تمام گھڻو فرق آھي.
ڀارت کي پنهنجي جمھوريت تي ناز آھي. ڀارت وڏي فخر سان چوندو آھي ته ھو دنيا جي سڀ کان وڏي جمھوريت آھي. پر ھتي ڳالھه ننڍي وڏي جي ناھي. ڇا ننڍو ۽ ڇا وڏو؟ اصل سوال آھي بهتر ۽ بدتر جو؟ ڇا ڀارت اھا دعويٰ ڪري سگھي ٿو ته ھن جي جمھوريت دنيا جي بهترين جمھوريت آھي؟ جيڪڏھن ھن جي جمھوريت دنيا جي بهترين جمھوريت ھجي ھا ته دھليءَ جي ڳتيل ڳلين ۾ مسلمان گھرن کي باھيون نه ڏنيون وڃن ھا ۽ ڀارت جي مک شھرن جي مک محلن ۾ ڪنهن به مسلمان کي رھڻ جو حق نه ملڻ جھڙو ڪو مثال ڏسڻ ۾ نه اچي ھا. ڀارت ۾ جيڪڏھن ھاڻي به ھندو ۽ مسلم تضاد ماٺو ٿي ويو آھي ته ان جو سبب موديءَ جون جمھوري پاليسيون نه پر ڪورونا جا شديد وار آھن. ڪورونا جي ھن مشڪل وقت ۾ ڀارت جا مسلمان ويڇا وساري ھندو پاڙيسرين جي مدد ڪري رھيا آھن. اھو پراڻو رشتو ڪورونا سبب بحال ٿي رھيو آھي، جنهن کي ماري ختم ڪرڻ جي موديءَ پوري ڪوشش ڪئي ھئي. پر موديءَ ان رشتي کي ماري نه سگھيو ھو.
روس جي ھڪ سينئر ۽ فلاسافر ناول نگار ليو ٽالسٽاءِ جي ھڪ/ڏسو صفحو 6 بقايا 30
ڪھاڻيءَ جو عنوان آھي “انسان کي ڪيتري زمين گھرجي” ھن مھل جيڪو معاشرو به ڪورونا جي ڪرب مان گذريو آھي، ان کان پڇا ڪئي وڃي ته ھو محلاتن توڙي بمن بارودن جي ڳالھه نه ڪندو. ھو سون جي انبارن لاءِ به نه سوچيندو. ھو صرف ايترو ئي چوندو ته ماڻھوءَ کي ڀرپور ساھه کڻڻ جيتري صاف ھوا گھرجي. اھا ھوا جيڪا ھن مھل ڀارت ۾ گھٽجي وئي آھي ۽ ڀارت جو عوام جمھوريت جي ھوندي به گيس چيمبر جھڙي گھُٽ محسوس ڪري رھيو آھي ۽ دوستو وسڪيءَ جي ڪردار وانگر پڇا ڪري رھيو آھي ته “ھوا…..ھوا….ھوا…. ڪٿي آھي ھوا؟”