ڪراچي(اسپورٽس نيوز) چيمپئن ليگ سيمي فائنل جي سيڪينڊ ليگ ۾ چيلسي ريال ميڊر کي 2 گول تان شڪست ڏئي ايونٽ جي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. چيمپئن ليگ سيمي فائنل جي سيڪنڊ ليگ ۾ ريال ميڊرڊ ۽ چيلسي جي ٽيم آمهون سامهون ٿيون. 28هين منٽ ۾ ورنر چيلسي کي برتري ڏياري جنهن بعد راند ۾ وڌيڪ تيزي آئي پر پهريون هاف هڪ ٻڙي جي اسڪور تي ختم ٿيو. چيلسي ايگريگيٽ تي 3 هڪ جي برتري سان فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. ٽائٽل لاءِ چيلسي جو مانچسٽر سٽي سان 29 مئي تي استبول تي مقابلو ٿيندو.