چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سميت سپريم ڪورٽ جي 4 ججز کي به ڌمڪين جا خط اماڻيا ويا

0
60

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سميت سپريم ڪورٽ جي 4 ججز کي به ڌمڪين جا خط اماڻيا ويا

ذريعن موجب ڌمڪين وارا خط چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس اطهر من الله، جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس امين الدين ڏانهن اماڻيا ويا

 ذريعن موجب چئني خطن مان پائوڊر نڪتو، چارئي خط سي ٽي ڊي حوالي ڪيا ويا، لاهور هاءِ ڪورٽ جي 3 ججز کي به اڄ ڌمڪين جا خط مليا

 هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس ڌمڪين وارا خط ملڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

 رجسٽرار آفيس موجب ڌمڪين وارا خط جسٽس شجاعت علي خان، جسٽس شاهد بلال حسن ۽ جسٽس عاليه نيلم جي نالي تي اماڻيا ويا آهن، گذريل ڏينهن چيف جسٽس عامر فاروق سميت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 8 ججز کي به ڌمڪين وارا خط مليا هئا

هي به پڙهندا

عدليه جي خودمختياري تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو: چيف جسٽس