عدليه جي خودمختياري تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو: چيف جسٽس

0
56
عدليه جي خودمختياري تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو: چيف جسٽس
عدليه جي خودمختياري تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو: چيف جسٽس

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته عدليه جي خودمختياري تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، عدليه جي آزاديءَ تي ڪنهن به قسم جو حملو ٿيندو ته سڀ کان پهرين مان ۽ منهنجا ساٿي بيهنداسين

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ججز جي الزامن واري خط بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته عدليه جي ڪم ۾ مداخلت کي پسند نه ٿا ڪيون، جيڪڏهن ٻئي ڪنهن جي ايجنڊا آهي ته مان هينئن ڪيان يا هونئن ڪيان ته پوءِ چيف جسٽس بڻجي وڃو، اسان ڪو به دٻاءُ قبول نه ڪنداسين، عدليه جي آزاديءَ تي زيرو ٽالرنس آهي

 چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 7 رڪني بينچ پاران 6 ججز جي خط بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي

 چيف جسٽس چيو ته 6 ججز جي خط واري معاملي تي اسان ايگزيڪيوٽو کان لڪي گهر ۾ يا چيمبر ۾ نه پر سپريم ڪورٽ ۾ ميٽنگ ڪئي، اسان انتظامي طور ڪم ڪري رهيا آهيون

 اٽارني جنرل منصور عثمان چيو ته اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو وفاقي سرڪار جو آهي، وفاقي حڪومت انڪوائري لاءِ ڪو به قدم پاڻ نه کنيو هو، سپريم ڪورٽ ناصر الملڪ ۽ تصدق جيلاني جا 2 نالا تجويز ڪيا هئا

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته قانون ۽ آئين موجب انڪوائري ڪميشن جوڙڻ سپريم ڪورٽ جو اختيار نه آهي، وفاقي حڪومت ئي انڪوائري ڪميشن جوڙي سگهي ٿي، اسان اهڙا نالا تجويز ڪيا جن تي گهٽ کان گهٽ آڱر کنئي وڃي

هن چيو ته سوشل ميڊيا تي هنن جي باري ۾ عجيب غريب ڳالهيون ڪيون ويون، مون کي ڏاڍي شرمندگي ٿي، اهڙا ذاتي حملا ٿيا ۽ اهڙو ماحول ٺاهيو ويو ته پوءِ ڪهڙو شريف ماڻهو قومي خدمت سرانجام ڏيندو؟ ايندڙ ٻڌڻي تي فل ڪورٽ جوڙي سگهون ٿا، عدالت ٻڌڻي 29 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي