لاهور هاءِ ڪورٽ جي 3 ججز کي به ڌمڪين وارا خط مليا: رجسٽرار آفيس طرفان تصديق

0
45
لاهور هاءِ ڪورٽ جي 3 ججز کي به ڌمڪين وارا خط مليا: رجسٽرار آفيس طرفان تصديق
لاهور هاءِ ڪورٽ جي 3 ججز کي به ڌمڪين وارا خط مليا: رجسٽرار آفيس طرفان تصديق

لاهور هاءِ ڪورٽ جي 3 ججز کي به ڌمڪين وارا خط مليا، هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس ڌمڪين وارا خط ملڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

رجسٽرار آفيس موجب ڌمڪين وارا خط جسٽس شجاعت علي خان، جسٽس شاهد بلال حسن ۽ جسٽس عاليه نيلم جي نالي تي اماڻيا ويا آهن

 لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٽنهي ججز جي انتظامي ڪميٽي جي ميمبر اهي خط وصول ڪيا، ڌمڪين وارا خط ملڻ بعد سي ٽي ڊي ۽ پوليس جا آفيسر لاهور هاءِ ڪورٽ پهچي ويا

 شڪي خطن جي جاچ لاءِ فورينزڪ ٽيمون به عدالت پهچي ويون، گذريل ڏينهن چيف جسٽس عامر فاروق سميت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 8 ججز کي به ڌمڪين وارا خط مليا هئا