جيڪب آباد(رپورٽر) چيئرمين هيومن رائيٽس ڪميشن اقبال ڏيٿو جي صدارت هيٺ ايس ايس پي سليم شاهه جي آفيس ۾  گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ سول سوسائٽي، ڊسٽرڪٽ بار، وومين ڊولپمينٽ جي عملدارن سميت ڊي ايس پي ڪمپلين سيل ڊي ايس پي ليگل شرڪت ڪئي گڏجاڻي دوران عورتن سان پيش ايندڙ مسئلن سميت ٺل ۽ ڳڙهي خيرو ۾ وومين سيل قائم ڪرڻ ۽ دارالامان کي فعال بڻائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون ان موقعي تي چيئرمين هيومن رائيٽس ڪميشن اقبال ڏيٿو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عورتن سان پيش ايندڙ مسئلن بابت ۽ ان جي حل لاءِ ايس ايس پي سان گڏجاڻي ٿي آهي گڏجاڻي ۾ جيڪب آباد شهر ۾ قائم دارالامان جي عمارت کي فعال بڻائڻ لاءِ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ سميت ٺل ۽ ڳڙهي خيرو ۾ وومين سيل سينٽر قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي هن چيو ته سنڌ ۾ ٻه دارالامان جون عمارتون ٺهيون جيڪي ميرپورخاص ۽ جيڪب آباد ۾ آهن ميرپورخاص ۾ قائم ٿيل دارالامان جو عمارت فعال بڻايو ويو آهي جيڪب آباد ۾ قائم ٿيل دارالامان جو عمارت ٽن سالن کان غيرفعال آهي ان کي هلندڙ مهيني فعال بڻايو ويندو جنهن لاءِ ايس ايس پي سيڪيورٽي فراهم ڪئي آهي هن وڌيڪ چيو ته دارالامان جو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ فنڊز مهيا ڪرڻ بابت سيڪريٽري وومين ڊولپمينٽ سان رابطو ڪيو ويو آهي جلد فنڊز جاري ٿيندا جيڪب آباد ضلعي ۾ عورتن سان جيڪي مسئلا پيش اچن ٿا ته انهن جي زندگي محفوظ بڻائڻ لاءِ دارالامان کي فعال بڻائي انهن زندگيءَ بچائي ويندي ۽ سهولتون ڏنيون وينديون ان موقعي تي ايس ايس پي جيڪب آباد سليم شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عورتن جا مسئلا حل ڪرڻ پهرين ترجيح آهي جيڪب آباد ۾ وومين سيل قائم آهي ٺل ۽ ڳڙهي خيرو ۾ وومين سيل جلد قائم ڪيو ويندو هن چيو ته امن امان جي صورتحال بهتر ناهي ٿي پر اڳ کان بهتري آئي آهي ٻه هفتا مقرري کي ٿيا آهن سو سيڪڙو ته امن نه ٿيندو پر امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن هن وڌيڪ چيو ته واپارين کي خانگي گارڊ مقرر ڪرڻ ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرا سسٽم لڳائڻو پوندو پوليس واپاري توڙي شهري گڏجي ضلعي ۾ امن آڻينداسين هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ٺل ۾ سماجي ورڪر جي پٽ ۽ پوليس اهلڪار جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ آپريشن هلندڙ آهي جلد جوابدار قانون جي گرفت ۾ هوندا