سنڌ ڪابينا سمورن کاتن ۾ ڀرتين تي لڳل پابندي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

0
133

ڪراچي: سنڌ ڪابينا سمورن کاتن ۾ ڀرتين تي لڳل پابندي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وڏي وزير پاران قانون واري وزير ۽ ايڊوڪيٽ جنرل کي عدالتن ۾ ڀرتين تي لڳل پابندي ختم ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي

سنڌ ڪابينا طرفان عيد کانپوءِ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽيز جي ڀرتين جو اعلان ڪيو ويو

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ صوبائي وزيرن کانسواءِ صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين جي شرڪت، سنڌ ڪابينا لاڙڪاڻو يونيورسٽي لاءِ 4 سئو ملين روپين جي منظوري به ڏني

 ڪابينا جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي تعليم واري وزير سردار شاهه چيو ته پرائمري اسڪول ٽيچرز ۽ جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچرز جي ڀرتين تان به پابندي ختم ڪئي وئي آهي

سردار شاهه چيو ته ڪواليفاءِ ڪندڙ اميدوار پنهنجا دستاويز تيار ڪري رکن، عيد کانپوءِ ڀرتيون شروع ڪيون وينديون، آگسٽ 2023 ۾ سنڌ ۾ ڀرتين تي پابندي لڳائي وئي هئي