چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان جي مقرري خلاف ڪيس کُلي عدالت ۾ مقرر ڪرڻ جو حڪم

0
218
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان جي مقرري خلاف ڪيس کُلي عدالت ۾ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس مشير عالم، ايڊووڪيٽ علي عظيم آفريدي جي درخواست تي رجسٽرار جا اعتراض ختم ڪري ڇڏيا، عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڏسڻو پوندو ته چيف جسٽس جي مشاورت بنا ڪيئن ڪو جج چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ٿي سگهي ٿو، اِهو به ڏسڻو پوندو ته بيورو ڪريٽس ۽ ٽيڪنوڪريٽس کي ڪيئن ججز جو درجو ڏئي سگهجي ٿو، ايڊووڪيٽ علي عظيم آفريدي 22هين ترميم ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري جي طريقيڪار خلاف درخواست داخل ڪئي آهي.