ستين ڪلاس جي ٽيڪسٽ بڪ ۾ ملالا جي تصوير ڇپجڻ تي پنجاب حڪومت ڪتاب ضبط ڪري ورتا

0
294

لاهور: پنجاب جي ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ستين ڪلاس جي سماجي اڀياس ڪتاب ۾ نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي جي تصوير ڇپجڻ تي ڪتاب جو ڪاپيون ضبط ڪري ورتيون آهن، جنهن تي سوشل ميڊيا ۾ سخت احتجاج ڪيو پيو وڃي. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران ڇپيل ڪتاب جي 33 صفحي تي ملڪ جي اهم شخصيتن جون تصويرون ڏنل آهن جن ۾ قائداعظم کان ويندي علامه اقبال، سرسيد، لياقت علي خان، عبدالستار ايڌي، ميجر عزيز ڀٽي شهيد سان ملالا يوسفزئي جي تصوير به آهي. ڪتاب شايع ٿيڻ کانپوءِ پوليس ۽ ٻينا دارن جي مدد سان مختلف دڪانن ۽ ادارن تي ڇاپا هڻي ڪتاب جون ڪاپيون ضبط ڪيون ويون. پنجاب ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ترجمان ٻڌايو ته ڪتاب بنا اجازت جي ڇاپيو ويو هو، ان ڪري ضبط ڪيو ويو. ياد رهي ته گذريل سال پنجاب ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران 100 کان وڌيڪ ڪتاب ٻه قومي نظرئي ۽ غير اخلاقي ۽ غير قانوني مواد جي بنياد تي ضبط ڪيا ويا هئا.