جهنڊومري (ن پ ا) جهنڊومري ويجهو ميرپور خاص ٽنڊوادم روڊ تي ٻن لوڊ گاڏين جو ٽڪر هڪٻئي کي ٽڪر ٿي پيو، ان ڏس ۾ ڏھ ويلر پنجاب کان ميرپور خاص ڏانهن مڪئي جو ٻج کڻي وڃي رهيو هو ۽ ٽرڪ جهڏي کان ٽنڊوآدم ڦٽيون لوڊ ڪري کڻي وڃي رهي هئي ته سهتا فارم وٽ ٻئي گاڏيون ٽڪرائجي ڪلٽي ٿي پيون،نتيجي ۾ روڊ مڪمل بند ٿي ويو، جنهن ڪري مسافر گاڏين کي 50 ڪلوميٽر ٽنڊوالهيار کان چڪر ڪرڻو پئجي ويو. روڊ کولڻ لاء نه تعلقي انتظاميه نه وري ضلعي انتظاميه ڪي اپاء ورتا.