مير مهر بهترين بيٽسمين آهي جيڪو ميرپورخاص سان تعلق رکي ٿو، مير مهر هارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ ڪيتريون ئي سينچريون ٺاهي چڪو آهي، ميرپورخاص ڊويزن جي بهترين ڪرڪيٽرن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو، مير مهر جو هاءِ اسڪور 59 بالن تي 123 اسڪور آهي، هو هن وقت ڊي ايم مهر ڪرڪيٽ ڪلب ۾ اوپنر طور کيڏندو آهي، سانگهڙ، نوابشاهه، عمرڪوٽ، خيرپور، سکر، دادو ۽ ٻين ضلعن ۾ مير مهر راند کيڏي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري چڪو آهي، مير مهر جو راند کيڏڻ جو انداز نيوزيلينڊ جي ڪيپٽن ڪين وليمسن سان ملي ٿو جنهن ڪري کيس ڪين وليمسن به سڏيو ويندو آهي. پي سي بي کي گهرجي ته مير مهر کي نيشنل ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کيڏڻ جو موقعو ڏئي. (ايوب شر جو واٽس ايپ ميسيج)

(نوٽ: اوهان به پنهنجي علائقي جي بهترين ڪرڪيٽرن جا تفصيل واٽس ايپ تي هن نمبر 03112010051 تي موڪلي سگهو ٿا.)