چونڊ نظام بهتر بڻائڻ جي ضرورت

0
289
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

پاڪستان ۾ 1970ع کي ڇڏي شايد ئي ڪا ٻي اهڙي اليڪشن ٿي هجي جنهن تي ڌانڌلي جا الزام نه لڳا هجن، اها عام چونڊ هجي يا ضمني چونڊ سدائين کٽيندڙ ڌر کانسواءِ باقي ٻيون سڀئي پارٽيون ڌانڌلي جا الزام لڳائينديون رهيون آهن جنهن جو وڏي ۾ وڏو سبب اسان وٽ چونڊن جي نظام ۾ غلطيون ۽ اليڪشن ڪميشن جو انهي نموني آزاد ۽ خودمخيتيار نه هجڻ آهي،انتظاميا جي حد کان وڌيڪ مداخلت ۽ اثر سبب اليڪشن ڪميشن جي حڪمن تي صحيح نموني عمل نه ڪرڻ سبب به وڏي پئماني تي گڙٻڙ ٿئي ٿي جنهن جو نقصان سڄي چونڊ عمل تي ٿئي ٿو ۽ عوام وري پنهنجي ووٽ جي حرمت نه ٿيڻ ڪري انهي عمل کان ڏينهون ڏينهن پاسيرو ٿي رهيو آهي جنهن جو مثال ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ ٿيل چونڊون آهن جنهن ۾ ووٽن جو ٽرن آئوٽ 22سيڪڙو به نه رهيو آهي جيڪا عوام جي چونڊن ۾ عدم دلچسپي ظاهر ڪري ٿي.
ڊسڪه جي ننڍي چونڊ ۾ ڌانڌلي جي الزامن کانپوءِ ڪراچي جي اين اي 249 تي به ڌانڌلي جا الزام لڳا آهن ڊسڪه ۾ رڳو ڌانڌلي جا الزام نه لڳا هئا پر اليڪشن ڪميشن عملي جي ويهه ڄڻن کي يرغمال بڻائڻ جو به الزام لڳو هو جنهن ڪري اليڪشن ڪميشن نوٽيس وٺي اتي ٻيهر چونڊ جو فيصلو ڏنو هو جنهن کي پي ٽي آءِ حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو پر سپريم ڪورٽ به اليڪشن ڪميشن جو فيصلو برقرار رکيو هو جنهن کان پوءِ ٻيهر چونڊ ٿي ۽ نواز ليگ جو اميدوار ڪامياب ٿي ويو. ڪراچي جي اليڪشن ۾ توڙي جو ڌانڌلي جا الزام لڳا آهن پر اهي انهي پئماني جا ناهن جيڪي ڊسڪه جي چونڊ تي لڳا هئا هتي هارائيندڙ اميدوا ر نواز ليگ جي مفتاح اسماعيل ٻيهر ڳڻپ جي درخواست ڏني آهي جنهن کي اليڪشن ڪميشن منظور ڪندي شنوائي 4 مئي تي رکي ڇڏي آهي ۽ پ پ جي کٽيل اميدوار جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اسان وٽ جيڪو چونڊ نظام آهي ان ۾ حڪومتي ڌر کي فائدو حاصل ڪرڻ جا وڌيڪ موقعا ملن ٿا ان کي بهتر بڻائڻ جي گنجائش موجود آهي جيئن ڪابه ڌر چونڊن کانپوءِ ڌانڌلي جو الزام نه هڻي سگهي پر ٿيندو اهو آهي ته جڏهن به ڪا ڌر حڪومت ۾ هوندي آهي اها انهن ڪمزورين مان فائدو وٺڻ جي ننڍي مفاد کي نظر ۾ رکي اهي ڪمزوريون ختم ڪرڻ نه چاهيندي آهي پر اهو وساري ويهندي آهي ته اڄ هو حڪومت ۾ آهي سڀاڻي جڏهن اها مخالف ڌر ۾ هوندي ته اهي ئي چونڊ نظام جون ڪمزوريون سندس خلاف استعال ٿينديون،پر عارضي مفاد کين مستقل مفادن کان پيارا لڳندا آهن ڇاڪاڻ ته ڪرسي جو سحر ئي اهڙو آهي.موجوده پي ٽي آءِ حڪومت جي اچڻ وقت مخالف ڌر جي پارٽين سرڪار کي اها آڇ ڪئي ته چونڊ سڌارن تي ڪم ڪرڻ گهرجي پر تازو تازو حڪومت ۾ آيل پي ٽي آءِ سرڪار کي اها ڳالهه وارو نه پئي کائي تنهن ڪري انهن مخالف ڌر جي آڇ جو ڪو مثبت جواب نه ڏنو جڏهن سينيٽ جي چونڊون ويجهو آيون ته پوءِ ساڳي سرڪار اها چونڊ اوپن ووٽ ذريعي ڪرائڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳي تيستائين گهڻي دير ٿي چڪي هئي پوءِ نتيجو اهو نڪتو جو وفاقي سرڪار اڪثريت هوندي اسلام آباد واري سيٽ تي شڪست کائي وئي.
اسان سمجهون ٿا ته هاڻي به وقت نه ويو آهي، اليڪشن ڪميشن به اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪافي متحرڪ ۽ مثبت انداز ۾ ڪم ڪري رهي آهي انهي کي وڌيڪ مضبوط ،خودمختيار ۽ آزاد بڻائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اليڪشن ۾ ظاهر ٿيندڙ ڪمزوريون ختم ٿي سگهن،انهن ۾ سياسي ڌرين جو ڪردار اهم بڻجي ٿو،تنهن ڪري ڌريون هڪٻئي تي الزام تراشي ڪرڻ بدران جيڪڏهن گڏ ويهي چونڊ سڌارن تي ڪم ڪن ۽ اليڪشن ڪميشن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏين ته اهي ڌانڌلي جا الزام سدائين لاءِ ختم ٿي سگهن ٿا ۽ عوام ۽ سياسي پارٽين تي چونڊ نظام تي اعتماد وڌي سگهي ٿو.