ن ليگ شڪست تسليم ڪري، اصل مقابلو پي ٽي آءِ ۽ بندش پيل تنظيم سان هو: سعيد غني

0
310

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ن ليگ کي تسليم ڪرڻو پوندو ته هو اين اي 249 تي ننڍي چونڊ هارائي چڪي آهي، هارائڻ کان پوءِ ن ليگ قيادت ننڍي چونڊ جي آڙ ۾ الزام لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان جو مقابلو نه ن ليگ سان نه پر پي ٽي آءِ سان هو ۽ اسان جو اصل مقابلو بندش پيل ٽي ايل پي سان هو، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير جو چوڻ هو ته وٽن سمورا 45 فارم موجود آهن، جنهن جي آڌار تي پ پ اميدوار جي ڪاميابي حق بڻجي ٿي، سعيد غني جو چوڻ هو ته شاهد خاقان عباسي الزام هنيو ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، جيڪڏهن ڌانڌلي ٿي آهي ته انهن پولنگ اسٽيشنز جا نالا ٻڌايا وڃن، صوبائي وزير چيو آهي ته شاهد خاقان الزام هنيو ته سليڪٽرز اسان کي کٽرايو آهي، آصف زرداري ۽ فريال کي ضمانت ملي ته ڊيل آهي، شهباز ۽ حمزه کي ضمانت ملي ته جمهوري فتح آهي، هن چيو آهي ته شاهد خاقان عباسي جو نالو اي سي ايل ۾ هو، اي سي ايل مان نالو ڪنهن جي چوڻ تي ڪڍيو ويو، شاهد خاقان ٻڌائي ته هو ڪنهن جي چوڻ تي ٻاهر ويو هو ۽ ڪنهن جي چوڻ تي شاهد خاقان نواز شريف سان ملاقات ڪئي هئي، هن چيو آهي ته ٻڌايو وڃي ته نواز شريف سان ملاقات ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون ۽ ن ليگ عمران خان ۽ عثمان بزدار کي هٽائڻ ئي نٿي چاهي.