چونڊڪو (ن پ ا) چونڊڪو ڀرسان ڳوٺ زمان شر وٽان چاڙهه سبب نارا ڪئنال جو ڪمزور بند ٽٽڻ جو خدشو وڌي ويو آهي، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن حاجي شير علي شر، جهندو خان ۽ ٻين چيو ته نارا ڪئنال جي کاٻي پاسي آرڊي 33 _34 وٽان پاڻي جو وهڪرو وڌي ويو آھي، بند ٽٽي سگهي ٿو، جڏهن ته اسان پنهنجي مدد پاڻ ڪئنال جي بند جي ڪپرن تي مٽي ۽ وڻ وڍي وجهي رهيا آھيون، جڏهن ته پاڻي جو وهڪرو وڌڻ سبب ڳوٺ زمان شر، جهريارو ۽ ٻيا ڳوٺ ٻڏي ويندا. هنن چيو ته اسان آپاشي کاتي جي ڪامورن کي بار بار شڪايتون ڪيون آھن پر هو اسان جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن، ڪئنال جي بند کي مضبوط ڪرائي اسان کي وڏي نقصان کان بچايو وڃي ٻئي طرف ايس ڊي او ايريگيشن زمان شاهه پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ٽائيم نيوز تي کاڌ جي خبر نشر ٿيڻ بعد اسان اتي پهچي ڪمزور بند جي مرمت ڪئي ۽ ڪاٺ جا جھت هڻايا آھن.