ميرپورساڪرو (رپورٽ: صاحب خان ڪلمتي) ميرپورساڪري جي آبادگار اتحاد پاران سب ڊويزن ساڪرو ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ۽ سم نالن جي کاٽي نه ٿيڻ ۽ آبپاشي انتظاميا پاران آبادگارن ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ٻھارا شھر کان 10 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري ميرپور ساڪرو ۾ھڪ ڪلاڪ ڌرڻو ھڻي پاڻي کوٽ خلاف شديد نعريبازي ڪئي وئي. آبادگار اڳواڻن وحيد رند، عبدالرزاق ڪلمتي، قادر موليپوٽو، ڌڻي بخش لاشاري، عبدالغني عباسي، اياز لاشاري، علم دين رند، بولا لاشاري ۽ ٻين ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته سب ڊويزن ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي، ساريال جو ٻيجارو سڙي تباهه ٿي چڪو آهي، شھرن توڙي ٻھراڙين ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي. آبادگارن جو چوڻ هو ته سامونڊي پٽيءَ وارن علائقن ۾ جر کارو ٿي ويو آهي. سنڌ سرڪار علائقي جي آبادگارن جو پاڻي بند ڪري معاشي حالتون خراب ڪري ذوالفقارآباد جھڙا منصوبا اڏڻ چاهي ٿي. هنن چيو ته ٺٽي ضلعي جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي تلائن کي پاڻي ڏنو پيو وڃي. ھنن چيو ته انجنيئر رحيم قريشي ۽ ايس ڊي او ديدار بليدي احتجاجي تحريڪ ھلائندڙ آبادگارن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رھيا آهن، جيڪو مزاحمت جوڳو عمل آهي. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن پاڻي کوٽ فوري طور ختم نه ڪئي وئي ته ڀرپور احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.