قاضي احمد (ن پ ا) پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقا قاضي احمد جي جنرل باڊي جو اجلاس تعلقي صدر عبدالنبي جمالي، جنرل سيڪريٽري علي رضا ڏاھري، انفارميشن سيڪريٽري ياسين شر جي صدارت ھيٺ ٿيو، جنھن ۾ 11 جون تي پاڻي ۽ وفاق جي ناانصافين جي خلاف پريس ڪلب نوابشاھ اڳيان لڳندڙ ڌرڻي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ غور ويچار ڪيو ويو، جڏهن ته اجلاس ۾ غفار جتوئي، عبدالغفور ڪلوئي، امتياز چانڊيو، شــاھـد علي ٻٻـر ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.