چونڊڪو (ن پ ا) چونڊڪو ڀرسان پسند پرڻي تان بدلي ۾ اغوا ٿيل مئٽرڪ جي شاگردياڻي جي والد جي فرياد تي ڪيس داخل، پوليس نينگريءَ کي بازياب نه ڪرائي سگهي. چونڊڪو ويجهو پسند پرڻي تان بدلي ۾ اغوا ڪيل شاگردياڻي راحيلا سومرو جي والد محب علي سومرو جي فرياد تي 11 ڄڻن محرم علي، رمز علي، ظفر علي، مشتاق علي، نديم، امتياز سيال ۽ 5 اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اغوا ڄاڻايل راحيلا جي والد محب علي سومرو موقف اختيار ڪيو آھي ته محرم، رمز علي، ظفر، مشتاق ۽ ٻيا گهر ۾ داخل ٿي هٿيارن جي زور تي منهنجي نياڻي راحيلا سومرو کي زبردستي اغوا ڪري ڪار ۾ کڻي ويا آھن. واضح رهي ته شمائلا  سيال ۽ نثار سومرو پاران پسند پرڻي تان ڇڪتاڻ بعد راحيلا سومرو کي پلاند ۾ اغوا ڪيو ويو آھي. هوڏانهن 36 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس ناريءَ کي بازياب نه ڪرائي سگهي آھي. ڌرين ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي.