پنگريو  (ن پ ا) پنگري ۾ ٿر ڪول روڊ تي ڌرڻي واري ڪيس ۾  ڌريون جاچ آفيسر آڏو پيش ٿي ويون. ڊي آء جي حيدرآبادپير محمد شاه پاران مقرر ڪيل انڪوائري آفيسر ايس ايس پي ٺٺو عنديل حسين چانڊيو اڳيان جوبدار ڄاڻايل ۽ ٿرڪول ڌرڻي ڪاميٽي اڳواڻ مير محمد بخش ٽالپر ڪيس جو  فريادي علي نواز ڪنڀار ۽ کوسڪي ٿاڻي جو جانچ آفيسر ديدار سمون پيش ٿيا، ڌرين جي موقف ٻڌڻ کانپوء ايس ايس پي ٺٺو عنديل حسين چانڊيو کوسڪي پوليس پاران داخل ايف آء آر نمبر 52/2022 ۾ وڌيڪ  اڻڌري جاچ جي ضرورت قرار ڏيندي ڪيس واپس ڊي آء جي حيدرآباد ڏانھن موڪلڻ جو فيصلو ٻڌايو، ته جئين ڊي آء جي حيدرآباد ايف آء آر ۾ جاچ آفيسر مقرر ڪري ته جيئن لاڳاپيل ڌرين سان انصاف ٿي سگھي، جڏھن ته اھڙي ڄاڻ ايس ايس پي آفيس بدين کي پڻ ڏني وئي آهي. واضح رھي ته 21سيپٽمبر تي ٿر ڪول ڌرڻي جي 30معلوم ۽ 40نامعلوم جوبدارن  خلاف کوسڪي پوليس فريادي نواز ڪنڀار  جي فرياد تي بيماري ٻارڙي جي گاڏي کي رستو نه ڏيڻ جي الزام ھيٺ داخل ڪيو ھو.