چونڊڪو ( ن پ ا ) نارا تعلقي جي ڳوٺ ٽوهه شر ۾ گھر جي ڀت ڪرڻ سبب 2 سڳا ڀائر  دٻجي ويا،  هڪ ڄڻو 14 سالن جو  رستم پٽ لياقت شر فوت ٿي ويو ۽ سندس ڀاءُ  علي بخش شر زخمي ٿي پيو . جڏهن ته فوتي ۽ زخمي ڀائرن کي چونڊڪو اسپتال ۾ پهچايو ويو، جتي ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري  نارا گيٽ اسپتال ۾ زخمي کي داخل ڪيو ويو آھي. نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.