ڪوٽڙي ڪبير (ن پ ا) ڪوٽڙي ڪبير ويجهو قومي شاھراهه تي ٽن ھٿياربندن فوجي جوان سينگار سھتو کان روڪ  رقم، موبائيل فون ۽ موٽرسائيڪل ڦر ڪري ورتي، دانھن تي ڳوٺاڻن پھچي ھڪ ڦورو شايان علي سيال کي سوگھو ڪري ورتو، جڏھن ته سندس ساٿي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، ڳوٺاڻن بعد ۾ پڪڙيل ڦورو کي ڪٽڪو ڏئي ڪوٽڙي ڪبير پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، گرفتار ٿيل ڦورو ھالاڻي ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندڙ اھلڪار محمد سومر سيال جو پٽ ٻڌايو پيو وڃي.