نيويارڪ (دلچسپ نيوز) چنڊ تي ڪارو نشان ڄميل برف هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي خلائي اداري ناسا جي ماهرن چنڊ جي ڪاري نشان بابت تحقيق ڪئي، ماهرن پنهنجي رپورٽ پڌري ڪندي ڄاڻايو آهي ته چنڊ جي هڪ خاص حصي ۾ پاڻي جا وڏا ذخيرا موجود آهن، هنن ٻڌايو ته سج جي روشني نه پهچڻ سبب پاڻي جا ذخيرا برف ٿي چڪا آهن. سندن چوڻ آهي ته اهي برف جا وڏا ذخيرا روشني نه پهچڻ سبب ڪارا نظر اچن ٿا. ماهرن پنهنجي رپورٽ ناسا کي اماڻي ڇڏي آهي جنهن تي غور ڪرڻ بعد عالمي ماهر ان کي منظور يا رد ڪندا.