ڪراچي (دلچسپ نيوز)اوپو پنهنجو هڪ نئون 5 جي اسمارٽ فون 95 متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.ان فون ۾ پراسيسر ۽ اسڪرين اوپو رينو 5 زي جهڙي ئي آهي رڳو بيڪ تي ڪم ڪيمرا گهٽ آهي.اوپو اي 95 ۾ 6.43 انچن جو اموليڊ ڊسپلي فل ايڇ ڊي پلس سپورٽ سان گڏ ڏنو ويو آهي.هن فون ۾ ميڊيا ٽيڪ جو ڊيمينسٽي 800 يو پراسيسر ڏنو ويو آهي.اي 95 ۾ 8 جي بي ريم ۽ 128 کان 256 جي بي اسٽوريج جا آپشن ڏنا ويا آهن جڏهن ته ايس ڊي ڪارڊ سان اسٽوريج کي 2 ٽي بي تائين وڌائي سگهجي ٿو.هن جي بيٽري 4310 ايم اي ايڇ گنجائش جي آهي جنهن سان گڏ 30 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ فراهم ڪئي وئي آهي جڏهن ته اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم جي ڀيٽ ڪلر او ايس 11.1 سان ڪئي وئي آهي.فون جي بيڪ تي 3 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي جنهن ۾ مين ڪيمرا 48 ميگا پڪسل جي آهي.ان کان سواءِ 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ۽ 2 ميگا پڪسل ميڪرو موڊيول ڪيمرا هن سيٽ اپ جو حصو آهي، جڏهن ته فرنٽ تي 16 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا پنچ هول ڊيزائن ۾ ڏني وئي آهي.اي 95 جو 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 1999 يوآن (47 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) جڏهن ته 256 جي بي اسٽوريج وارو فون 2299 يوآن (54 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ موجود هوندو.